Book Name:Insan Khasary Mein Hai
توهان منهنجي نافرماني ڪئي...؟ الله تعاليٰ جو اهو فرمان ٻڌي ڪري ٻانهو شرم کان پاڻي پاڻي ٿي ويندو، پگهر ۾ شَلُ ٿي ويندو، ۽ عرض ڪندو: اي الله پاڪ! مان توکان شرمسار آھيان، منهنجي لاءِ ھن شرمندگيءَ کان وڌيڪ اهو آسان آهي ته مون کي باھ ۾ اڇلايو وڃي. ([1])
اي عاشقان رسول! هاڻي غور ڪريو! اسان جي زندگي ڪيتري قدر قيمتي آهي، هي ئي مختصر زندگي...!! جيڪڏهن اسان هن کي نيڪين ۾ گذاريون ته بهشت جا حقدار ٿي سگهون ٿا ۽ جيڪڏهن اسان ائين نه ڪري سگهياسين، زندگي جون اهي قيمتي گهڙيون فضوليات يا گناهن جي ڪمن ۾ گذاري ڇڏيون! ۽ ان جي ڪري دوزخ جا حقدار بڻجي وياسين. قيامت جي ڏينهن پڪڙ ڪئي وئي ته پاڻ سوچيو! اهو ڪيترو وڏو نقصان هوندو...!! هي اهو ئي نقصان آهي، جنهن بابت الله تعاليٰ فرمايو:
وَ الْعَصْرِۙ(۱) اِنَّ الْاِنْسَانَ لَفِیْ خُسْرٍۙ(۲)
ترجمو ڪنزالعرفان: زماني جو قسم بيشڪ انسان ضرور نقصان ۾ آهي. (پارہ:30،اَلْعَصْر:1-2)
ان ڪري اسان سڀني کي پنهنجي وقت جو قدر ڪرڻ گهرجي، زندگي جي هر هڪ گهڙي، هر هڪ منٽ ۽ هر هڪ سيڪنڊ جو قدر ڪرڻ گهرجي.
نيو ائير نائٽ (New Year Night) ۽ طوفانِ بدتميزي
پيارا اسلامي ڀائرو! نئون عيسوي سال يعني 2024 اچي رهيو آهي۔ 31 ڊسمبر جي رات جو 12 ٿيندي ئي ”نيو ائير نائٽ (New Year Night)“ جي نالي تي جيڪو طوفانِ بدتميزي جو طوفان ٿيندو آهي، الامان والحفيظ! خاص ڪري نوجوان ته گھڻو ئي آپي کان ٻاهر ٿي ويندا آهن * ڳائڻ وڄائڻ جون محفلون
[1]... بستان الواعظین ،مجلس فی قولہ تعالیٰ :یوم تاتی کل ...الخ،سوال اللہ تعالیٰ للعباد،صفحہ:81ملتقطًا۔