Insan Khasary Mein Hai

Book Name:Insan Khasary Mein Hai

هي جواب ٻُڌي ڪري عبد الملڪ بن مروان رزارو قطار وئڻ لڳو، ايترو رُنو جو ڳوڙهن کان ڪپڙا آلا ٿي ويا. پوءِ چيائين: اي منصور ! خُدا جو قسم! اوهان صحيح چيو۔ مون کي دِل جي شِفَا يعني قرآنِ ڪريم جي ڪا آيت ٻڌايو! حضرت مَنصُور بن عمّار رَحۡمَةُ الله عَلَيۡه سيپاري: 3، سورت آلِ عمران جي هي آيتِ ڪريمه پڙھي:

یَوْمَ تَجِدُ كُلُّ نَفْسٍ مَّا عَمِلَتْ مِنْ خَیْرٍ مُّحْضَرًا ﳝ- وَّ مَا عَمِلَتْ مِنْ سُوْٓءٍۚۛ-تَوَدُّ لَوْ اَنَّ بَیْنَهَا وَ بَیْنَهٗۤ اَمَدًۢا بَعِیْدًاؕ-وَ یُحَذِّرُكُمُ اللّٰهُ نَفْسَهٗؕ-وَ اللّٰهُ رَءُوْفٌۢ بِالْعِبَادِ۠(۳۰)

 ترجمو ڪنزالعرفان: (ياد ڪريو) جنهن ڏينهن هر شخص پنهنجا تمام سٺا ۽ خراب عمل پنهنجي سامهون موجود ڏسندو ته خواهش ڪندو ته ڪاش ان جي وچ ۾ ۽ ان جي عملن جي وچ ۾ ڪو وڏو فاصلو (حائل) ٿي وڃي ۽ الله توهان کي پنهنجي عذاب کان ڊيڄاري ٿو ۽ الله ٻانهن تي وڏو مهربان آهي. (پارہ:3،آلِ عمران:30)          

هي مبارڪ آيت ٻڌڻ کان پوءِ عبدالملڪ بن مروان تي خوفِ خدا جو غلبو ٿيو، چوڻ لڳو: اي منصور! تو مون کي ماري ڇڏيو. ائين چوندي ئي هو بيهوش ٿي ڪِري پيو. پوءِ جڏهن هوش ۾ آيو ته چيائين: اي منصور! الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ یُحَذِّرُکُمُ اللّٰہُ نَفْسَہٗ ؕ

 ترجموڪنزالعرفان: ۽ الله توهان کي پنهنجي عذاب کان ڊيڄاري ٿو. (پارہ:3،آلِ عمران:30)

ان جو ڇا مطلب آهي، فرمايائون: هن جو مطلب آهي ته الله پاڪ اوهان کي پنهنجي پڪڙ ۽ عذاب کان ڊيڄاري ٿو. اهو ٻڌي عبدالملڪ بن مروان وري