Insan Khasary Mein Hai

Book Name:Insan Khasary Mein Hai

ڪري ايڏو وڏو نقصان کنيو، لات ۽ عُزيٰ(يعني مڪي وارن جا ڪوڙا خُدا جن جي هُو عبادت ڪندا هئا، انهن) جي شفاعت کان نااُميد ٿي ويا.

اُن بي وقوف ڪَلۡده بن اُسَيد جي ڳالھ ٻُڌي ڪري حضرت ابوبڪر صديق
رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمايو: اي ڪَلۡده! جيڪو انسان حق کي قبول ڪري ۽ چڱا ڪم ڪري، ڀلا اهو به نقصان کڻڻ وارو ٿي سگهي ٿو؟ (يعني مان جهڙي طرح دنياوي واپار ۾ ماهر آهيان، ايئن ئي مون آخرت جي واپار ۾ به عقلمندي ئي ڏيکاري آهي، مون حق جي ڳالھ کي قبول ڪيو ۽ چڱي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويس، تنهنڪري، نقصان کڻڻ وارو مان ناهيان، بلڪ نقصان کڻڻ وارو اصل ۾ تون آهين، تون ئي نقصان وارو سودو ڪري رهيو آهين). حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي هن پياري جواب جي حمايت ۾ سورت عَصۡر نازل ٿي،[1] الله پاڪ فرمايو:

وَ الْعَصْرِۙ(۱) اِنَّ الْاِنْسَانَ لَفِیْ خُسْرٍۙ(۲) اِلَّا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَ تَوَاصَوْا بِالْحَقِّ ﳔ وَ تَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ۠(۳)

ترجمو ڪنزالعرفان: زماني جو قسم. بيشڪ انسان ضرور نقصان ۾ آهي. پر جن ايمان آندو ۽ انهن چڱا ڪم ڪيا ۽ هڪ ٻئي کي حق جي تاڪيد ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي صبر جي وصيت ڪئي. (پارہ:30،اَلْعَصْر:1-3)

پيارا اسلامي ڀائرو! مسلمانن جي پهرين خليفي حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي پياري پياري جواب ۽ نازل ٿيڻ واري سورت عصر مان خبر پئي، تمام انسان نقصان ۾ آهن، هن نقصان کان صرف اهو ئي بچندو آهي، جنهن ۾ هي ٽي صفتون هجن: (1) ايمان وارو هجي ڇوته جيڪو مومن ناهي، اهو جانورن کان به بدتر آهي، ان ته دنيا ۾ اچڻ ئي جو مقصد ويساري ڇڏيو، پوءِ اهو نقصان کان ڪيئن ٿو بچي سگهي. (2) نيڪ عمل ڪندو هجي ڇو ته جيڪو نيڪيون ناهي


 

 



[1] تفسیر عزیزی،پارہ:30،سورۂ عصر،جلد:3،صفحہ:274۔