Insan Khasary Mein Hai

Book Name:Insan Khasary Mein Hai

ڪيتري پياري ڳالھ آهي...!! ڪا سورت هجي، ڪا آيت هجي، ڪو موضوع هجي، ڪا ڳالھ هجي، قرآن ڪريم جو نهايت پيارو اسلوب آهي ته هر سورت ۾، هر قسم جي مضمون ۾ نعت مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا پهلو موجود هوندا آهن. انهيءَ ڪري ته اعلي حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:

جیسے قرآن ہے وِرْد اس گُلِ محبوبی کا

یوں  ہی  قرآں  کا  وظیفہ  ہے  وقارِ  عارِض([1])

 وضاحت: يعني جيئن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪثرت سان تلاوت ڪندا هئا، ايئن ئي نبي پاڪ جي رخسار جون تعريفون ڪرڻ قرآنِ ڪريم جو به وظيفو آهي.

سُورت والۡعَصۡر ۾ نعتِ مصطفيٰ جو پهلو ڪهڙو آهي؟ الله پاڪ فرمايو:

وَ الْعَصْرِۙ(۱)

ترجموڪنزالعرفان: زماني جو قسم. (پارہ:30،اَلْعَصْر:1)

عصر عربي ۾ زماني کي چوندا آهن ۽ مُفسرن جو هڪ قول اهو به آهي ته هن هنڌ زماني مان مراد اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مبارڪ زمانو آهي.([2]) يعني هن ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته  

ہر زمانہ مرے حُضُور کا ہے

البته دنيا جي تاريخ ۾ اهي 63 سال جيڪي منهنجي ۽ اوهان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هن دنيا ۾ ظاهري طور تي بسر فرمايا، جڏهن فضائون پاڻ


 

 



[1]...حدائقِ بخشش،صفحہ:71۔

[2]...تفسیرِ خازن،پارہ:30،سورۂ عصر،زیرِ آیت:1 ،جلد:4 ،صفحہ:466۔