Book Name:Dost Kaise Banaye

جي دين تي هوندو آهي، لهٰذا توهان مان هر هڪ کي گھرجي ته اهو ڏسي ڪنهن سان دوستي ڪري رهيو آهي. ([1])

يعني عموماً انسان پنهنجي دوست جي سيرت ۽ اخلاق اختيار ڪري وٺندو آهي، ڪڏهن ان جو مذهب به اختيار ڪري وٺندو آهي، لهٰذا سٺن سان دوستي رکو ته جيئن توهان به چڱا بڻجي وڃو! ۽ ڪنهن سان دوستي ڪرڻ کان پهريان ان کي سڃاڻي وٺو ته الله ۽ رسول جو فرمانبردار آهي يا نه. صوفياءِ ڪرام فرمائن ٿا : انسان جي طبيعت ۾ اَخۡذ يعني وٺي وٺڻ جي خاصيت آهي، حريص سان صحبت حِرۡص ۽ زاهد جي صحبت سان زُهد و تقويٰ ملندو (لهٰذا هر هڪ کي گھرجي ته ڪنهن نه ڪنهن کي دوست بڻائڻ کان پهريان چڱي طرح غور و فڪر ڪري وٺي، ڳولها ڪري ته مان ڪنهن کي دوست بڻائي رهيو آهيان). ([2])

عقلمندي جي هڪ ڳالهه

 پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديث تي بار بار غور ڪيو! رسول اڪرم نُورِ مجسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: الرَّجُلُ عَلَى دِينِ خَلِيْلِهِ انسان پنهنجي دوست جي دين تي ھوندو آھي.

 هن مان خبر پئي ٿي ته دوست بنائڻ ڪيترو اھم آھي. اسان هلندي، گهمندي ۽ وٽ واٽ ويندي به دوستي ٿي ويندي آهي. ھڪ اڌ ڪلاڪ بس ۾ گڏ سفر ڪيو ڳالھ ٻول ٿي، پنهنجو نمبر ڏنو، هن جو نمبر ورتو، ۽ دوستي ٿي وئي بلڪه هاڻ ته نئون دور آھي، آن لائن دوستيون ٿين ٿيون، نه سامھون واري کي ڏٺو، نه سڃاتو، اهو به ناهي معلوم ھوندو ته آئون جنهن سان دوستي ڪيان پيو، اھو ڪير آهي، بس فيس بڪ (Facebook) ، انسٽاگرام (Instagram) وغيره تي چار ڳالهيون ٿيون، فرينڊ ريڪويسٽ (Friend Request)  آئي، اسان قبول (Accept)


 

 



[1]...ترمذی، کتاب الزہد، صفحہ:566، حدیث:2378۔

[2]... مرآۃ المناجیح،جلد:6 ،صفحہ:599 بتغیر قلیل ۔