Book Name:Dost Kaise Banaye

اسان کي مال جي حِرص کان به بچائي ۽ نيڪ ماڻھن کان دوستي رکڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ 

آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ .

دعوتِ اسلامي ۽ نيڪ صحبت جي فراھمي

پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ صحبت ماڻڻ جو طريقو ھي آھي: اسان نيڪ پرھيزگار، خوفِ خدا، آخرت جو فڪر رکڻ واري ماڻھن سان گڏ ويھنداسين ته اِنْ شَآءَاللہُ الْکَرِیْم! اسان کي نيڪ صحبت نصيب ٿي ويندي. نيڪ صحبت حاصل ڪرڻ لاءِ دعوتِ اسلامي جي عاشقان رسول سان گڏ مدني قافلن ۾ سفر کي پنھنجو معمول بڻايو، پنھنجي شھر ۾ ٿيڻ واري ھفتيوار اجتماع ۾ شرڪت ڪيو، امير اھل سنت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه جو عطا ڪيل رسالو نيڪ اعمال جي مطابق زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪيو، مدرسة المدينه بالغان ۾ شرڪت ڪري فيضان قرآن حاصل ڪيو، الحمدلله! شيخ طريقت، اميراھل سنت، حضرت علامه و مولانا، ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه ھر ھفتي جو بعد نماز عشاء مدني چينل تي براھِ راست (Live) مدني مذاڪرو فرمائيندا آھن ان ۾ شرڪت ڪيو، سوشل ميڊيا ( يعني فيس بڪ (Facebook) انسٽاگرام (Instagram)، واٽس ايپ (WhatsApp)، ٽويٽر(Twitter)، يوٽيوب تي دعوتِ اسلامي جا مختلف پيجَ (Pages) بڻيل آھن انھن کي ڏسو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! سٺي صحبت حاصل ٿيندي۔ الله پاڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي۔   آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ .

دوستي جي متعلق امير اھلِ سنّت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه  جا ارشادَ

پيارا اسلامي ڀائرو!  اچو! دوستي جي متعلق امير اھلِ  سنّت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه جا