Book Name:Dost Kaise Banaye

آهي: هڪ شخص هيئن دعا گهري رهيو هو: اَللّٰہُمَّ اغْنِنِی عَنِ النَّاس  اي الله پاڪ! مون کي ماڻهن کان بي نياز ڪري ڇڏ. صحابي رسول حضرت عبدالله بن عبّاس رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُما ٻڌو ته فرمايائون: اي شخص! مان ڏسي رهيو آهيان ته تون الله پاڪ کان موت جي دعا گھري رهيو آهين...!! بيشڪ انسان جيسيتائين زندھ آهن، هڪ ٻي کان بي نياز نٿا ٿي سگھن. ان جي بدران هيئن دعا ڪر: اَللّٰہُمَّ اغْنِنِی عَنْ شِرَارِ النَّاس اي الله پاڪ! مون کي برن ماڻهن کان محفوظ فرماءِ...!! ([1])

دوستيءَ جا آداب سکڻ ضروري آهن؟

  پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو؛ اسان ماڻهن سان ميل ميلاپ، تعلقات وغيره کان بي نياز نٿا ٿي سگھون، جيسيتائين زندھ آهيون، اسان کي ٻين سان گڏ ملڻ جلڻ، اٿڻ ويهڻ، دوستي تعلق رکڻو ئي هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو دينِ اسلام ۾ دوستي ۽ نيڪ صحبت جي آداب تي تمام گھڻو زور ڏنو ويو آهي. حُضور داتا گنج بخش هجويري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: نفس جي عادت آهي ته پنهنجي ساٿين سان راحت ماڻيندو آهي، جنهن قسم جي ماڻهن جي صحبت ۾ ويهندو آهي، انهن جون ئي عادتون اختيار ڪري وٺندو آهي، انهيءَ ڪري مشائخ (يعني اولياءِ ڪرام) سڀ کان پهريان دوستي جي حقن تي توجھ ڏيندا آهن ۽ مريدن کي انهيءَ جي ترغيب ڏياريندا آهن، ايسيتائين جو مشائخ وٽ دوستي جا آداب سکڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ فرض جو درجو رکندو آهي. ([2])     

انسان پنهنجي دوست جي دين تي هوندو آهي

 ترمذي شريف جي حديث پاڪ ۾ آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: الرَّجُلُ عَلَى دِينِ خَلِيْلِهِ، فَلْيَنْظُرْ اَحَدُكُمْ مَنْ يُخَالِلُ ماڻهو پنهنجي دوست


 

 



[1]... رسالہ ادب الاختلاط بالناس،صفحہ:56۔

[2]...کشف المحجوب مترجم،صفحہ:499بتغیر۔