Book Name:Dost Kaise Banaye

الله پاڪ اسان کي نيڪ ماڻھن سان دوستي ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ .

چڱي ۽ بري دوست جو مثال

نبي اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: چڱي ۽ بري دوست جو مثال مشڪ کپائيندڙ ۽ بٺي دکائڻ واي جيان آهي. مشڪ کڻڻ وارو يا ته توهان کي ڪجهه ڏيندو يا ته توهان اُن کان خريد ڪندؤ ۽ يا ته توهان اُن کان صرف سٺي  خوشبو حاصل ڪندؤ ۽ بٺي دُکَائڻ وارو يا ته توهان جا ڪپڙا ساڙيندو ۽ يا ته توهان هن مان بدبو  ماڻيندؤ. ([1])

 سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙو پاڪيزه مثال آهي جنهن جي ذريعي سمجهايو ويو آهي ته برن جي صحبت فائدو ۽ چڱن جي صحبت نقصان ڪڏهن به ناهي نٿي ڏئي سگهي، بٺي واري کان مشڪ ناهي ملندو گرمي ۽ دونهون ملندو ۽ مشڪ واري کان نه گرمي ملندين نه دونهون بلڪ مشڪ ۽ خوشبو ئي ملندي. هن فرمان عالي شان جو مقصد هي آهي ته جيترو ٿي سگهي برن جي صحبت کان بچو جو هي دين ۽ دنيا برباد ڪري ڇڏيندي آهي ۽ نيڪ صحبت اختيار ڪندؤ ته ان سان دين ۽ دنيا ٺهي پوندي.

مار بد تنہا ہمیں برجاں زند                                     یار  بد  بر  دین  و  بر  ایمان زند([2])

 وضاحت: نانگ جي صحبت جان وٺندي آهي، بري يار جي صحبت ايمان برباد ڪندي آهي.


 

 



[1]... بخاری ،  کتاب الذبائح والصید ،  باب المسک ،صفحہ:1410، حدیث:5534۔

[2]... مرآۃ المناجیح ،جلد:6،صفحہ:590 تا 591 ملتقطًا۔