Book Name:Dost Kaise Banaye

اچانڪ هڪ مک ڪٿان کان آئي ۽ شڪاري جي نڪ تي ويهي رهي، ڀولڙي شڪاري سان همدردي ڪندي ان مک کي اڏايو پر مک ٿورو ضدّي هوندي آهي، ڀولڙي هڪ ڀيرو مک اڏائي، اها وري اتي اچي ويهي رهي، چند ڀيرا ايئن ئي ٿيو؛ آخرڪار ڀولڙي کي غصو آيو ۽ ان پنهنجي طرفان پنهنجي دوست سان همدردي ڪرڻ چاهي ۽ هڪ پٿر کڻي ڪري نڪ تي ويٺل مکي کي زور سان هنيائين، مک ته اڏري سگھي ٿي، اها اڏامي وئي، پٿر شڪاري جي نڪ تي اچي لڳو ۽ اهو زخمي ٿي پيو. بيوقوف جي دوستي جو اهوئي انجام ٿيندو آهي، لهٰذا اسان کي گھرجي ته اسان عقلمند سان دوستي ڪيون.

ٻي صفت: سٺي اخلاق جو مالڪ هجي!

جنهن جي صحبت حاصل ڪئي وڃي ان جا اخلاق به چڱا هجڻ ضروري آهن ڇو ته برن اخلاقن وارو ماڻهو چاهي ڪيترو ئي عقلمند هجي، جڏهن ان تي غصو، خواهش، بخل يا بزدلي وغيره غالب هجي ته اهو پنهنجي نفس جي پيروي ڪندو آهي. ايئن هو ڪنهن وقت پاڻ به هلاڪت ۾ پئجي ويندو آهي ۽ پنهنجي دوستن کي به هلاڪت ۾ وجھي ڇڏيندو آهي.

ٽين صفت: فاسق نه هجي

سٺي دوست جي ٽين صفت هي آهي ته اهو فاسق (يعني گناهن تي ضدي يا اِعلانيه گناھ ڪرڻ وارو) نه هجي. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَ لَا تُطِعۡ مَنۡ  اَغۡفَلۡنَا قَلۡبَہٗ عَنۡ  ذِکۡرِنَا وَ اتَّبَعَ ھَوٰىہُ  وَ کَانَ   اَمۡرُہٗ   فُرُطًا (۲۸)  (پارہ:15، سورۂ کہف:28)

ترجموڪنزالعرفان:  ۽ ان جي ڳالھ نه مڃ جنهن جي دل اسان  پنهنجي ياد کان غافل ڪري ڇڏي ۽ اهو خواهش جي پويان هليو ۽ ان جو ڪم حد کان لنگهي ويو.