Book Name:Dost Kaise Banaye

اچو! بيان ٻڌڻ کان پھرين سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثلاً نيت ڪيو! * رضاءِ الھي جي لاءِ پورو بيان ٻڌندس * باادب ويھندس * خوب توجھ سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پڄائڻ جي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

اي الله پاڪ منهنجي دوست کي نيڪ بڻائي ڇڏ!

تاجدارِ لاهور، شيخُ المَشَائِخ، حُضُور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پنهنجي زماني جي مشهور ڪتاب ڪَشۡفُ المحجوب ۾ لکن ٿا: هڪ شخص ڪعبي شريف جو طواف ڪري رهيو هو، انهيءَ دوران ان جي زبان تي صرف هڪ ئي دعا هئي: اَللّٰہُمَّ اَصْلِحْ اِخْوَانِی اي الله پاڪ منهنجي دوست کي نيڪ بڻائي ڇڏ. ڪنهن پڇيو: هن مقام تي تون پنهنجي لاءِ دعا ڇو نٿو گهرين؟ ان شخص نهايت ڪمال جو جواب ڏنو. چيائين: مان (هتي مڪه مڪرمه ۾ نيڪ ڪمن ۾ مصروف آهيان پر جلد ئي مون کي) واپس پنهنجي دوستن ڏانهن وڃڻو آهي، جيڪڏهن اهي نيڪ هوندا ته مان نيڪ بڻجي ويندس جيڪڏهن اهي خراب هوندا ته انهن جي خرابي مون کي به پهچي ئي رهندي، لهٰذا انهي ڪري مان پنهنجي دوستن جي لاءِ دعا ڪري رهيو آهيان.

يا الله! مون کي بري ماڻهن کان بچاءِ...!!

پيارا اسلامي ڀائرو! انسان جي طبيعت ۽ فطرت ئي اهڙي آهي جو بلڪل اڪيلو زندگي نٿا گذاري سگھون، الله پاڪ اسان انسانن جي ضرورتن کي هڪ ٻي سان ايئن جوڙي ڇڏيو آهي اسان چاهيندي يا نه چاهيندي هڪ ٻي سان گڏ هڪ ٻئي سان ملي جلي ڪري ئي زندگي گذاريندا آهيون، اسان کي ڪٿي نه ڪٿي، ڪنهن نه ڪنهن لحاظ سان ٻين جي ضرورت پوندي رهندي آهي. منقول