Book Name:Dost Kaise Banaye

جُوا ۾ تمام گھڻي رقم کٽي ويو، هاريل جُواري دوستن هاريل رقم ڦرڻ لاءِ ان جي ڳچيءَ ۾ ڦاهو وڌو ۽ بجلي جا جھٽڪا ڏيئي ماري ڇڏيو، پوءِ ان کي بغير ڪفن ۽ دفن جي  ڇڏي ڪري تالو هڻي فرار ٿي ويا. ([1])

اي عاشقانِ رسول! هي آهي بُري صحبت هو ڀيانڪ انجام الله پاڪ اسان کي بُري دوستن کان محفوظ فرمائي.    آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ .

دوست ڪيئن بڻائجي...؟

سيپاري:11، سوره توبه، آيت: 119 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰہَ وَ کُوۡنُوۡا مَعَ  الصّٰدِقِیۡنَ (۱۱۹)

ترجموڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ سچن سان گڏ ٿي وڃو.

   تفسير سراط الجنان ۾ آهي: هن آيت مان نيڪ ماڻهن جي صحبت ۾ ويهڻ جو به ثبوت ملي ٿو ڇوته انهن سان گڏ هجڻ جي هڪ صورت انهن جي صحبت اختيار ڪرڻ به آهي ۽ انهن  جي صحبت اختيار ڪرڻ جو اثر هي ٿيندو آهي جو انهن جي سيرت ۽  ڪردار ۽ سٺا عمل ڏسي ڪري پاڻ کي به گناهن کان بچڻ ۽ نيڪين ڪرڻ جي توفيق ملي ويندي آهي ۽ هڪ اثر هي ٿيندو آهي جو دل جي سختي ختم ٿيندي ۽ ان ۾ رِقَّت ۽ نرمي محسوس ٿيندي آهي، ايمان تي خاتمو ۽ قبر ۽ حشر جي ڀيانڪ معاملن جو فڪر نصيب ٿيندو آهي، انهيءَ ڪري هر مسلمان کي گھرجي ته اهو نيڪ ٻانهن سان تَعلُّقات بڻائي ۽ انهن جي صحبت


 

 



[1]...نیکی کی دعوت،صفحہ:290۔