Book Name:Dost Kaise Banaye

ارشادَ ٻُڌون ٿا: * سٺي دوست کي پرکڻ جي لاءِ ان سان گڏ سفر ڪيو يا ڪھڙو به معاملو مثلاً خريد و فروخت وغيره ڪيو * غيبت ۽ تھمت لڳائڻ واري شخص سان دوستي نه ڪيو، پري رھو * دنياوي دوستين جا ڪيترائي نقصان  ڏٺا آھن * جيڪو فارغ ھجي اھو ئي ذاتي دوستيون ڪري سگھي ٿو، جيڪو ديني ڪمن ۾ مصروف ھجي، ان وٽ ذاتي دوستي لاءِ وقت ناھي ھوندو * ذاتي دوستي وارو دعوتِ اسلامي جي ڪنھن به عھدي لاءِ ڪارآمد ناھي * جيڪو دين جو ڪم ڪرڻ چاھي ٿو، اھو ذاتي دوستين کان بچي * بدعقيده جي دوستي باھ ۾ ھٿ وجھڻ کان وڌيڪ نقصان ڏيندڙ آھي * امير اھلسنت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه رسالي نيڪ اعمال ۾ فرمائن ٿا: ڇا توھان جي ڪنھن ھڪ يا چند سان دنياوي طور تي ذاتي دوستي ته ناھي؟ (ذاتي دوستيون ۽ گروپ، تنظيمي ڪمن جي ترقي ۾ عام طور تي رڪاوٽ بڻجندا آھن.) الله پاڪ اسان کي بري دوستي کان محفوظ فرمائي۔

آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ .

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم:مدني قافلو

پيارا اسلامي ڀائرو! دنيا ۽ آخرت جون ڀلايون ماڻڻ، نمازن جو پابند بڻجڻ، پنهنجي ۽ ٻين جي اصلاح جي ڪوشش ڪري ثواب جو ذخيرو جمع ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ جيترو ٿي سگھي دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن ۾ عملي طور حصو وٺو. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: مدني قافلو. اَلْحَمْدُ للّٰہ!