Book Name:Dost Kaise Banaye

نمازون پڙهندو آهي؟ فرائض و واجبات تي عمل ڪندو آهي؟ سنتون ادا ڪندو آهي؟ شريعت جي روشني ۾ ان جا اخلاق، ان جي ڪردار جي ڳولها ڪري) جيڪڏهن ان جا حالات ۽ اَحۡوال شريعت جي مطابق هجن ته ماڻهو پاڻ کي سٺي حالت جي خوشخبري ڏي ۽ اهو شخص جنهن جي دوستي ڏانهن دل مائل آهي، جيڪڏهن اهو شريعت جي ترازو تي پورو نه لهي، (مثلاً نمازون قضا ڪندو آهي، روزا نه رکندو هجي، فرائض ۽ واجبات جي ادائيگي ۾ سستي ڪندو هجي، بد زبان هجي، بُري اخلاقن وارو، بري عادتن وارو هجي) ماڻهو کي گھرجي ته پاڻ کي ملامت ڪري، ڊڄي ته ان کي پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي آئيني ۾ پنهنجي بدحالي نظر آئي آهي. ([1])

الله پاڪ اسان کي سٺن دوستن جي نيڪ صحبت نصيب فرمائي.  آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ .

دوست جنّت جو رستو يا جھنّم جو ساٿي

اي عاشقانِ رسول! ڪنهن سان دوستي ڪرڻ معمولي ڳالهه ناهي، هي وڏو اهم معاملو آهي، اسان جو دوست اسان کي جنّت جو حقدار به بڻائي سگھي ٿو ۽ جھنّم جي واٽ جو مُسافر به بڻائي سگھي ٿو. بُخَاري شريف ۾ حديث پاڪ آهي: الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اَلْمَرْءُ مَعَ مَنْ اَحَبَّ ماڻهو انهيءَ سان گڏ هوندو، جنهن سان محبت ڪندو آهي. ([2])

الله اڪبر! معلوم ٿيو * جيڪي جنّت جي رستي تي هلي رهيا آهن * جيڪي نمازون پڙهندا آهن، سنتون ادا ڪندا آهن * نيڪ ڪم ڪندا آهن * جنّت ۾


 

 



[1]...ملاحق احیاء العلوم،کتاب عوارف المعارف،باب الثالث و الخمسون،جلد:5 ،صفحہ:272 ملتقطًا۔

[2]...بخاری،کتاب:الادب،باب:علامۃ حب اللہ …الخ،صفحہ:1529،حدیث:6168۔