Book Name:Dost Kaise Banaye

سٺي دوست جو ن پنج صِفتون

پيارااسلامي ڀائرو! دوست ڪهڙو هجي؟ ان جي متعلق حُجَّةُ الاسلام، امام محمد بن محمد غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: انسان جي لاءِ اُنهن خصلتن ۽ صفتن کي ڄاڻڻ ضروري آهي جن جي سبب ڪنهن جي صحبت اختيار ڪرڻ ۾ رغبت ڪئي ويندي آهي. وڌيڪ فرمائن ٿا: صرف اهڙي شخص جي صحبت اختيار ڪرڻ گھرجي جنهن ۾ هي پنج خوبيون هجن:

پهرين صفت: عقلمند هجي

امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: بيوقوف سان گڏ ويهڻ ڪو فائدو ناهي، ان جو ساٿ ڪيترو ئي ڊگھو هجي انجام وَحشت ۽ جدائي هوندو آهي. عقلمند جي صحبت اختيار ڪرڻ انهيءَ ڪري به ضروري آهي جو بيوقوف شخص جيڪڏهن توهان کي فائدو پهچائڻ ۽ توهان جي مدد ڪرڻ جو ارادو ڪندو به آهي ته توهان کي نقصان ئي پهچائيندو آهي ۽ ان کي هن ڳالهه جو علم به ناهي هوندو. چيو ويو آهي ته بيوقوف کان دوري اختيار ڪرڻ الله پاڪ جي قرب جو ذريعو آهي. ([1])

چون ٿا: هڪ شڪاري هڪ ڀيري جھنگ ۾ شڪار ڪرڻ ويو، اُن جي نظر هڪ ڀولڙي تي پئي، جنهن جي پير ۾ ڪنڊو لڳل هو، شڪاري کي ڀولڙي تي ترس آيو ۽ ان اهو ڪنڊو ڪڍي اڇلائي ڇڏيو، بس! انهيءَ همدري جي ڪري ڀولڙي ۽ شڪاري جي پاڻ ۾ دوستي ٿي وئي، ڀولڙو شڪاري سان گڏ ئي رهڻ لڳو، ماڻهن شڪاري کي ڏاڍو سمجھايو ته ڀولڙو هڪ بيوقوف جانور آهي، ان جي دوستي توکي نقصان پهچائيندي پر شڪاري ڪنهن جي ڳالهه تي توجھ نه ڏيندو هو، هڪ ڏينهن ايئن جو شڪاري ستو پيو هو، ڀولڙو ان جي ويجھو ويٺو هو،


 

 



[1]...احیاء العلوم،کتاب: آداب الالفۃ …الخ،باب :الاول ، جلد:2،صفحہ:211 ملتقطًا۔