Book Name:Dost Kaise Banaye

دين جي تبليغ جي لاءِ، سڄي دنيا ۾ سنتون عام ڪرڻ جي لاءِ، پاڻ نمازن جي پابندي ڪرڻ ۽ ٻين کي نمازن جو عادي بڻائڻ جي لاءِ دعوت اسلامي جي تحت هر مهيني هزارين اسلامي ڀائر مدني قافلن ۾ سفر ڪندا ۽ مختلف علائقن ۾ وڃي ڪري نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندا آهن، توهان به همٿ ڪيو، الله پاڪ جي دين کي وقت ڏيو، الله ڪريم اسان تي ڪهڙا ڪهڙا انعام فرمايا آهن، اسان کي ساههَ عطا ڪيو، روزانو اسان کي رزق عطا فرمائيندو آهي، اسان جون مشڪلات حل فرمائيندو آهي، اسان کي هٿ پير ڏنا، نڪ، ڪن، اک، زبان جي نعمت عطا فرمائي، انهيءَ رَحمن ۽ رَحيم جي احڪامن تي عمل ڪيو، ان جي دين کي دنيا سڄي ۾ پکيڙڻ جي لاءِ وقت ڪڍو ۽ هن نيڪ مقصد جي لاءِ دعوتِ اسلامي جو ساٿ ڏيو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت جون ڍيرو ڀلايون نصيب ٿينديون. اچو! تَرغيب جي لاءِ مدني قافلي جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا!

شرابي مؤّذن بڻجي ويو

 هند جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابستگي کان پهرين مان گناهن جي مرض ۾ مبتلا هيس، گاريون بڪندو ۽ والدين ۽ محلي وارن کي خوب تنگ ڪندو هيس، آخرڪار منهنجي قسمت جو ستارو چمڪيو ۽ منهنجي ملاقات دعوتِ اسلامي جي هڪ ذميدار اسلامي ڀاءُ سان ٿي وئي، ان انفرادي ڪوشش ڪندي (يعني سمجھائيندي) مون کي مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي ترغيب ڏياري، مون کان انڪار نه ٿي سگھيو ۽ فوراً 3 ڏينهن جي مدني قافلي جو مسافر بڻجي ويس، عاشقانِ رسول جي صحبت ملي ۽ شيخِ طريقت، امير اهلِ سنّت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه جا رسالا به پڙهڻ جي لاءِ مليا، جن جي برڪت سان مان نه صرف نماز پڙهڻ وارو بڻجي ويس بلڪه