Book Name:Dost Kaise Banaye

صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ  جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                         جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

شڪر ڪرڻ  سنّت آهي

ٻه فرمان آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  (1) ٻانهي جو هر گِرههَ ۽ هر ڍُڪَ تي الله ڪريم جو شڪر ڪرڻ الله پاڪ کي پسند  آهي.([2]) (2): پنهنجون زبانون ذڪر سان ۽ دل شڪر سان تَر رکو! ([3]).

 اي عاشقانِ رسول! شڪر ڪرڻ سنّت آهي * الله جا آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪثرت سان شڪر ڪندا هئا * پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪڏهن به نا شڪري نه ڪئي * شڪر اعليٰ عبادت آهي * شڪر ڪرڻ سان نعمت ۾ اضافو ٿيندو آهي * ٻانهي کي نعمت ملي، ٻانهو شڪر ڪري، ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ٻانهوعذاب کان محفوظ رهندو. ([4])

شڪر ڪرڻ جو طريقو:

          حضرت ابوبڪر شِبلي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:نعمت کي ڏسڻ جي بجاءِ، نعمت ڏيڻ واري تي نظر رکڻ شڪر آهي. ([5]) مثلاً توهان کي پگهار (Salary) ملي،


 

 



[1]...تاریخ مدینہ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔

[2]...مُسْلِم، کتابُ الذِّکْر و الدُّعَا، صفحہ:1122، حدیث:6932۔

[3]...شُعَبُ الْاِیْمَان، باب: محبۃ ُ اللہ، جلد:1، صفحہ:419، حدیث:590، ملتقطاً۔

[4]...صِرَاطُ الجنان، جلد:4، صفحہ:406، خُلاصۃً۔

[5]...اِحْیَاءُ العلوم، کتابُ الصَبْر والشکر، جلد:4، صفحہ:103، خلاصۃً۔