Book Name:Dost Kaise Banaye

وفادار آهيون ته پوءِ اسان اللّه ۽ ان جي رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي احڪامن سان ڪيتري وفاداري ڪئي آهي؟ الله ۽ رسول فرمائن: برو دوست نه بنايو! الله ۽ رسول فرمائن: سچن ۽ صحيح ماڻهن سان گڏ رهو، اسان برن سان گڏ ويٺا آهيون. آخر اسان هتي وفاداري  ڇو نٿا ڪيون ؟

 هونئن به دوستن جي وفا آخر ڪيستائين هوندي ؟ قبر تائين......!بس! افسوس! اسان نٿا ڄاڻون ته ملڪ الموت عَلَيه السَّلَام ڪڏهن  ٿو روح قبض ڪرڻ لاءِ تشريف کڻي اچي، بس! هي ساھ رڪجڻ جي ئي دير آهي، اسان جا دوست اسان کي انڌيري قبر جي کڏ ۾ اڪيلو ڇڏي موٽي ايندا، پوءِ نه ڪو دوست هوندو نه يار، نه وفائون رهنديون،نه ئي واعدا، بس اسان هونداسين ۽ اسان جا سٺا يا برا عمل هوندا. افسوس! پوء قيامت جو خوفناڪ ڏينهن ايندو، اتي بي نمازي دوستن جو ڪم اچڻ ته پري جي ڳالهه،  سڳي ماءُ به پنهنجي اڪيلوتي پٽ کان منهن ڦيري رهي هوندي، پوء هي وفائون ڪيڏاهن وينديون؟ ڪير هوندو اسان کي جهنم کان بچائڻ وارو؟

مِٹا دے ساری خطائیں مِری مِٹا یا ربّ!                 بنا دے نیک بنا نیک دے بنا یا ربّ!

بنا دے مجھ کو الہٰی خُلوص کا پیکر                              قریب آئے نہ میرے کبھی رِیا یا ربّ!

اندھیری قبر کا دل سے نہیں نکلتا ڈر                        کروں گا کیا جو تُو ناراض ہو گیا یا ربّ!

گناہگار ہوں میں لائقِ جہنم ہوں                               کرم سے بخش دے مجھ کو نہ دے سزا یا ربّ ([1])

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                                                                            صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

با وفا دوست ڪير...؟

پيارا اسلامي ڀائرو! قيامت جو ڏينهن بريون دوستيون مٽائڻ جو ڏينهن آهي،


 

 



[1]... وسائلِ بخشش،صفحہ:78۔