Book Name:Dost Kaise Banaye

وقت دوست احباب ڪير ڪنهن سان حال احوال حال نه پڇڻ وارو نه ھوندو * افسوس! قيامت جي ان ھولناڪ ڏينھن الله نه ڪري اسان به ڪٿي حسرت سان اھو ئي نه سڏيندي رھجي وڃون ته

یٰوَیۡلَتٰی لَیۡتَنِیۡ لَمۡ اَتَّخِذۡ فُلَانًا خَلِیۡلًا (۲۸)  (پارہ:19،سورۂ فرقان:28)

ترجموڪنزالعرفان: هاءِ منهنجي بربادي! اي ڪاش جون مون فلاڻي کي دوست نه بڻايو هجي ها.

انھي ڪري اڄ موقعو آھي، سٺا ئي دوست بڻايو، صرف سٺن، نيڪ نمازي ماڻھن جي صحبت ئي اختيار ڪيو۔

صحبتِ صالح ترا صالح کند                                    صحبتِ طالح ترا طالح کند

ترجمو: يعني چڱي جي صحبت توکي چڱو بڻائي ڇڏيندي، بري جي صحبت توکي برو بڻائي ڇڏيندي۔

خطري جي گھنٽي

اي عاشقان رسول! بي نمازي، شرابي، ماءُ پيءُ جي نافرمانن سان دوستي به جيتوڻيڪ نقصان ڏيندڙ آھي پر ياد رکو! ڪافرن سان دوستي ڪرڻ ايمان لاءِ خطري جي گھنٽي آھي۔ مذھبي پروگرامن (Events) جي موقعي تي انهن کان ڏي وٺ جا معاملا ڪرڻ يا انھن جي ڪنھن مذھبي ڏينهن ۾ وڃڻ، غمي خوشي جي معاملن ۾ انھن کي گڏ رکڻ، خاص ڪري اسان جي ٻارن جو غيرمسلمن سان دوستي ڪرڻ والدين جي لاءِ تمام توجھ گھري ٿو. جن آبادين ۾ مسلمان ۽ غير مسلم گڏ رھندا ھجن، اتي تمام گھڻي احتياط جي حاجت آھي، الله پاڪ اسان جي ايمان جي حفاظت فرمائي۔