Book Name:Dost Kaise Banaye

هڪ جڳهه تي ارشاد فرمايو:

فَاَعۡرِضۡ عَنۡ مَّنۡ تَوَلّٰی ۬ۙ        عَنۡ ذِکۡرِنَا وَ لَمۡ  یُرِدۡ  اِلَّا  الۡحَیٰوۃَ  الدُّنۡیَا (ؕ۲۹)  (پارہ:27،سورۂ نجم:29)

ترجموڪنزالعرفان: سو تون انهيءَ کان منهن ڦيري ڇڏ جيڪو اسان جي ياد کان ڦريو ۽ ان صرف دنياوي زندگي کي چاهيو.

لهٰذا گنهگارن فاسقن جي صحبت کان هميشه بچندا رهو جو جيڪو گناهه جو عادي هجي، ان جي صحبت ڪڏهن ڪڏهن وڏي بربادي جو سبب بڻجي ويندي آهي.

شرابين جي صحبت جو  ڀيانڪ انجام

علامه احمد ذهبي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ شخص شرابين جي صحبت ۾ ويهندو هو، ان جي موت جو وقت ويجھو آيو ته ڪنهن ان کي ڪلمو شريف پڙهڻ جي تلقين ڪئي پر افسوس! ان کي آخري وقت ڪلمو پڙهڻ نصيب نه ٿيو، ڪلمي جي جڳهه ان چيو: تو به پي ۽ مون کي به پيار! هو اهو چوندي دنيا مان رخصت ٿي ويو،. ايئن ئي هڪ شطرنج کيڏڻ واري جو آخري وقت آيو ته ان کي ڪلمي پڙهڻ جي تلقين ڪئي وئي، ان تي اُن ڪلمي جي جڳهه چيو: شَاہَکَ (يعني تنهنجو بادشاهه)، اهو چوندي ئي اُن جو دم نڪري ويو. ([1])

آہ سلبِ ایمان کا خوف کھائے جاتا ہے           کاشکے مِری ماں نے ہی نہیں جنا ہوتا([2])

چوٿين صفت گمراه نه هجي۔

سٺي دوست جو پنجون وصف ھي آھي ته هو گمراھ ۽ بدمذھب (يعني ضروريات دين مذھب اهلسنت مان ڪنهن شي جو انڪار ڪرڻ وارو) نه ھجي ڇوته


 

 



[1]...الكبائر للذہبی،الکبیرۃ العشرون،فصل فی النرد و الشطرنج،صفحہ:65 تقدیم و تاخیر۔

[2]... وسائلِ بخشش،صفحہ:158۔