Book Name:Dost Kaise Banaye

اسڪول ۾، ڪاليج ۾، آفيس ۾ هڪ عرصي تائين اسان سان گڏ رهندو آهي، ان سان بس دعا سلام ئي رهندي آهي، گھري دوستي ناهي ٿي سگھندي جڏهن ته ڪنهن سان چند ڪلاڪن جي ملاقات ئي ۾ ان سان گھري دوستي ٿي ويندي آهي، آخر ان جو سبب ڪهڙو آهي؟ شيخ شهابُ الدين سهروردي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: ان جو سبب آهي: هم جنس هجڻ: ([1])  اَلْجِنْسُ یَمِیْلُ اِلٰی جِنْسِہٖ جنس پنهنجي جنس ئي ڏانهن موٽندي آهي؛

پہنچی وہیں پہ خاک،             جہاں کا خمیر تھا

حضرت امام مالڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: انسان پکين وانگر آهن، پکي هميشه پاڻ جھڙي پکين سان گڏ رهندا آهن؛ ڪبوتر ڪبوترن سان گڏ رهندو آهي، ڪانءُ ڪانوَن سان گڏ، ڪڪڙ ڪڪڙين سان گڏ، بدڪ بدڪن سان گڏ ايئن ئي انسان به پنهنجي هم خيال، هم فڪر، هم ڪردار، هم اخلاق سان دوستي ڪندو آهي. ([2])

دوست جي پَرکَ جو معيار

پيارا اسلامي ڀائرو! ماکيءَ جي مک گلن، ميون ۽ سٺي شين تي ئي ويهندي آهي، هيءَ ماکيءَ جي مک جي پاڪيزگي، ان جي سٺي فطرت جو دليل آهي جڏهن ته ٻي مک گندگي ئي تي ويهندي آهي، هيءَ ان جي گندي طبيعت جو اثر آهي. هاڻ اسان کي غور ڪرڻو آهي ته اسان ڪنهن سان گڏ ويهون ٿا، ڪنهن سان دوستي رکون ٿا، اسان جھڙي دوست جو انتخاب ڪنداسين، اسان جي فطرت، طبيعت اهڙي ئي هوندي. شيخ شهابُ الدين سهروردي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: جڏهن ڪنهن طرف دل مائل ٿي (يعني دل چئي ته فلاڻي سان دوستي ڪيان ته) گھرجي ته ماڻهو ان کي شريعت جي ترازو ۾ ان کي توري (ڏسي ته ڇا هو


 

 



[1]... احیاء العلوم،کتاب عوارف المعارف،باب الثالث و الخمسون،جلد:5 ،صفحہ:272 ۔

[2]... روضۃ العقلاء  و نزہۃ الفضلاء لابن حبان ،ذکر ائتلاف الناس  و اختلافہم،صفحہ:96۔