Book Name:Dost Kaise Banaye

جو مسافر به بڻجي ويس ۔

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! عاشقان رسول جو قرب ته ڇا مليو منهنجي زندگي جو طور طريقو به بدلجي ويو، پرسوز بيانن سان ۽ پياري پياري نعتن سان ۽ مٺيون مٺيون سنتون سکڻ سيکارڻ جي حلقن ته منهنجي سوچ جو دارومدار ئي بدلائي ڇڏيو، دل ۾ محبت خدا ۽ عشق مصطفي جي شمع روشن ٿي وئي ۽ مون کي ھڪ دلي سڪون ملڻ لڳو، اکين تي ٻدل بغض ۽ دشمني جي پٽي کلي وئي ۽ دعوت اسلامي سان نفرت محبت ۾ بدل جي وئي ۽ مٿي تي پٽڪي مبارڪ جو تاج سجائي ڇڏيو ۽ شيخ طريقت، امير اهلسنت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه  جو مريد ٿي ڪري سندس ڪرم واري دامن سان وابسته ٿي ويس، مدني قافلي کان واپسي تي مون بدمذھبن سان ميل ميلاپ ختم ڪري ڇڏيو پنهنجو ظاهر ۽ باطن وڌيڪ صاف ڪرڻ لاءِ تربيتي ڪورس ۾ داخله وٺي ڇڏي ([1])

پنجون وصف: دنيا جو حريص نه ھجي

اسان کي جنھن سان دوستي رکڻي آھي، ان جي پنجين خوبي ھيءَ آھي ته اسان جنھن کي دوست بڻائي رھيا آھيون، اھو دنيا جو لالچي نه ھجي، ڇوته لالچي انسان چار پئسن جي لالچ  ۾ ڇا جو ڇا ڪري وجھندو آھي۔

ٽي ماني ڪيڏانھن وئي

حضرت عيسيٰ عَلَيه السَّلَام جي خدمت ۾ ھڪ ماڻھو عرض ڪيو: یَارُوْحَ اللہ! مان توھان جي صحبت بابرڪت ۾ رھي ڪري خدمت ڪرڻ ۽ علمِ شريعت حاصل ڪرڻ چاھيان ٿو، پاڻ عَلَيه السَّلَام انھيءَ کي اجازت ڏئي ڇڏي، ھلندي ھلندي جڏھن ھڪ شاخَ جي ڪناري پهتا ته پاڻ عَلَيه السَّلَام فرمايائون: اچو کاڌو کائي وٺو! پاڻ


 

 



[1]... عشقِ رسول،صفحہ:50۔