Book Name:Dost Kaise Banaye

صحبت جو اثر ڪيئن ٿيندو آهي...؟

اسان وٽ اولاد جيڪڏهن بري دوستن سان گڏ اٿڻ ويهڻ لڳي ته والدين ان کي سمجهائيندا آهن پر اولاد سامهون کان وڏا دليل ڏيندو آهي: فلاڻو ته مون کي ڪا بري ڳالھ ناهي سيکاريندو، اهو ته تمام بهترين آهي، توهان کي بلاوجهه هن ۾ برايون نظر اينديون آهن. اهڙي اولاد کي کپي ته والدين جي ڳالھ مڃن والدين جيڪو ڪجهه ڄاڻيندا آهن، اسان جو ٻاراڻو ذهن ان تائين نٿو پهچي سگهي، هونئن به ڪو برو چئي ڪري ٿوري چوندو ته تون برو آهين؟ مثلاً ڪو بي نمازي آهي، ته اهو ائين ٿوري چوندو ته توهان نماز نه پڙهندا ڪيو! جيڪو  بداخلاق آهي اهو مخاطب ٿي ڪري نه چوندو: توهان به بداخلاقيون ڪيو! گاريون بڪندا ڪيو! ڪوبه دوست ائين نه ڪندو جيڪڏهن اهو ايئن ڪندو ته ڪير ان سان دوستي رکندو...؟ برو دوست هڪ بٺي آهي، جيڪو ان وٽ ويهندو آهي، ته باهه جون چڻگون ان جي طرف ضرور اينديون آهن.

 اسان ٿورو غور ڪريون اسان کي شريعت چڱي بري اَثرات کان آگاھ ڪيو آهي، اَلصُّحْبَۃُ مُؤَثِّرَۃ صحبت اثر ڪندي آهي.

 سوال هي آهي ته صحبت جي اثر ڪرڻ جو انداز ڇا هوندو آهي؟ ڪنهن جي صحبت اسان تي ڪهڙي ذريعي سان اثر انداز ٿيندي آهي؟ امام راغب اصفهاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن راز تان پردو کنيو آهي، پاڻ فرمائن ٿا: برو دوست پنهنجي دوست جي عادتن کي پنهنجي ڳالهين ۽ ڪمن سان ناهي بگاڙيندو بلڪه صرف ان جي طرف ڏسڻ سان ئي عادتون بدلجي وينديون آهن.

   اَللہُ اَکْبَر! معلوم ٿيو؛ اسان جو دوست بري ڳالهه ٻڌائي يا نه ٻڌائي، اسان کي برائي جي طرف وٺي وڃي يا نه وٺي وڃي، ان جي بري صحبت جو اثر ان جي طرف ڏسڻ سان ٿيندو آهي، اسان جيئن جيئن هن کي ڏسندا وينداسين، اسان جي دل