Book Name:Dost Kaise Banaye

تي اثر پوندو ويندو، آخرڪار ھڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو اسان ان بري دوست جي رنگ ۾ رنڱجي چڪا هونداسين۔ انڪري بهتر آھي ته اسان ان بري دوست کان پهرين ڏينهن کان ئي بچي وڃون، هن جي ويجهو به نه وڃون.

برو ساٿي جھنم جو ٽڪرو آھي

 الله پاڪ جي آخري نبي، رسول ھاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: بري ساٿي کان بچو ڇوته اھو جھنم جو ھڪ ٽڪرو آھي، ان جي محبت توھان کي فائدو نه پهچائيندي ۽ اھو توھان سان واعدو پورو نه ڪندو ۔([1])

بري صحبت جو عبرتناڪ انجام

پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! مان توھان کي بري صحبت جي ھيبتناڪ انجام تي مشتمل عبرتناڪ واقعو ٻڌايان ٿو؛ شيخِ طريقت، امير اھل سنت، مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه پنھنجي ڪتاب نيڪي جي دعوت صفحي: 290 تي لکن ٿا: پنجاب (پاڪستان) جي ھڪ محلي ۾ ھڪ عجيب و غريب بدبو محسوس ٿيڻ لڳي، علاقي وارن جي خوب جستجو کان پوءِ ڪٿي وڃي بدبو جو سراغ  لڳو، اھا بدبوءِ ھڪ بند گھر مان اچي رهي هئي. جيئن ته پوليس کي اطلاع ڏنو ويو. جڏهن پوليس وارا ماڻهن جي موجودگي ۾ تالو ڀڃي گھر اندر داخل ٿيا ته اهو ڏسي ڪري سڀني جا لڱ ڪانڊارجي ويا ته اتي کٽولي تي هڪ نوجوان جو لاش پيو هو ۽ ان جا ڪجھ حصا سڙي ڳري چڪا هئا ۽ ان ۾ جِيتَ هلي رهيا هئا، هي منظر ڏسي ڪري ٻارن سميت ڪيئي ماڻهو بيهوش ٿي ويا. تحقيق ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته هي نوجوان محنت مزدوري ڪرڻ جي ارادي سان هن علائقي ۾ آيو هو، ڪرائي جي گهر ۾ رهائش پذير هو ۽ ڪجھ جُوارين سان هن جي دوستي هئي. هڪ ڏينهن هي نوجوان پنهنجي جواري دوستن سان


 

 



[1]... فردوس الاخبار،جلد:1،صفحہ:224، حدیث:1573۔