Book Name:Dost Kaise Banaye

وٺي وڃڻ وارا ڪم ڪندا آهن * جيڪڏهن اڄ اسان انهن سان محبت ڪنداسين * انهن سان دوستي ڪنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ!  قيامت جي ڏينهن انهن سان ئي گڏ هونداسين ۽ الله نه ڪري! جيڪڏهن اسان جهنّم جي رستي تي هلڻ وارن سان گڏ ويٺاسين * جيڪي نمازون ناهن پڙهندا * روزا ناهن رکندا * ڳائڻ وڄائڻ ٻڌندا آهن * فلمون ڏسندا آهن * گارگند ڪندا آهن * جھيڙو جهڳڙو ڪندا آهن * شراب پيئندا آهن * جُوا کيڏندا آهن * الله ۽ رسول جي نافرماني ڪندا آهن، جيڪڏهن اسان اهڙن سان دوستي لڳائي ۽ خدانخواسته توبه ڪرڻ کان بغير ئي دنيا مان هليا وياسين ته افسوس! حديث پاڪ جي مطابق قيامت جي ڏينهن انهن سان گڏ اٿاريا وينداسين. انهيءَ ڪري اسان کي گھرجي ته خوب چڱي طرح سوچي سمجھي ڪري دوستي رکندا ڪيون.

 ڪافرن سان دوستي جو  انجام

هڪ شخص هيو: عُقبه بن اَبي مُعِيط هي مڪه مڪرمه جو رهاڪو ڪافر هو، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ حاضر ٿيندو هو، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نُور ڀريون ڳالهيون ٻڌندو هو، انهن کي پسند ڪندو هو، جيتوڻيڪ ان ڪلمو نه پڙهيو هو، هڪ ڏينهن انهيءَ پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي گھر دعوت تي گھرايو، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تشريف وٺي ويا، کاڌو حاضر ڪيو ويو، رسولِ رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيسيتائين تون ڪلمو پڙهي مسلمان نٿو ٿي وڃين، مان تنهنجي گھر جو کاڌو هرگز نه کائيندس، جيئن ته عُقبه بن ابي مُعيط بظاهر ڪلمو پڙهي ورتو، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کاڌو تناول فرمايو ۽ واپس شريف وٺي آيا.

عُقبه بن ابي مُعيط  جي  اُبَيۡ بن خَلف سان دوستي هئي، اُبَيۡ بن خلف مڪه