Book Name:Dost Kaise Banaye

اختيار ڪري.  ([1])

 ۽ ديندار دوست تلاش ڪرڻ جي ترغيب ڏيندي مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو: سچا دوست تلاش ڪيو ۽ انهن جي پناهه ۾ زندگي گذاريو ڇوته اهي خوشي جي حالت ۾ زينت ۽ آزمائش جي وقت سامان آهن. ۽ ڪنهن گنهگار جي صحبت اختيار نه ڪيو نه ته ان کان گناهه ڪرڻ سکندؤ. ([2])

علماءِ ڪرام جي صحبت ۾ ويهڻ عبادت آهي

 پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي گھرجي ته عُلماءِ ڪرام جي صحبت ۾ ويهندا ڪيون، انهن سان دوستي ڪيون، الله پاڪ جي رضا جي لاءِ عاشقانِ رسول عالمن سان محبت ڪندا ڪيون، صحابي رسول حضرت عبدالله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنْهما فرمايو: عالمن جي صحبت ۾ ويهڻ عبادت آهي. ([3])

ڪنزالعمال جي حديث پاڪ آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو عالمن جي صحبت ۾ ويٺو تحقيق اهو منهنجي صحبت ۾ ويٺو ۽ جيڪو منهنجي صحبت ۾ ويٺو يقيناً اهو الله پاڪ جي بارگاهه ۾ ويٺو. ([4])

 حضرت سفيان بن عُيَيۡنَه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  فرمايو ته حضرت عيسيٰ عَلَيه السَّلَام جو ارشاد آهي: اهڙن ماڻهن جي صحبت اختيار ڪيو جن جي صورت ڏسي ڪري توهان کي خدا ياد اچي وڃي، جن جي گفتگو توهان جي علم ۾ اضافو ڪري، جن جو عمل توهان کي آخرت جو شوق ڏياري. ([5])


 

 



[1]... تفسیر صراط الجنان، پارہ:11،سورۂ توبہ،زیرِ آیت:119 ،جلد:4،صفحہ:258۔

[2]...احیاء العلوم،کتاب: آداب الالفۃ …الخ،باب :الاول ، جلد:2،صفحہ:212 ملتقطًا۔

[3]...احیاء العلوم،کتاب: آداب الالفۃ …الخ،باب :الاول ، جلد:2،صفحہ:212 ملتقطًا۔

[4]...کنز العمال،کتاب:العلم ،باب :الاول فی الترغیب فیہ،جز:10،جلد:5 ،صفحہ:74 ،حدیث:28879۔

[5]...جامع بیان العلم و فضلہ ،باب جامع فی آداب العالم و المتعلم،جلد:1،صفحہ:416 ،رقم:815۔