Book Name:Dost Kaise Banaye

پاري: 28، سوره مُمتَحِنَه آيت:1 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

یٰۤاَیُّہَا  الَّذِیۡنَ  اٰمَنُوۡا  لَا تَتَّخِذُوۡا عَدُوِّیۡ  وَ عَدُوَّکُمۡ  اَوۡلِیَآءَ  تُلۡقُوۡنَ اِلَیۡہِمۡ  بِالۡمَوَدَّۃِ  وَ قَدۡ کَفَرُوۡا بِمَا جَآءَکُمۡ  مِّنَ الۡحَقِّ ۚ

(پارہ:28،سورۂ مُمْتَحِنَہ:1)

ترجموڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ منھنجي ۽ پنھنجي دشمنن کي دوست نه بڻايو توھان انھن کي دوستي جي سبب خبرون پهچايو ٿا  حالانڪه  يقيناً اهي ان حق جا منڪر آهن

تفسير صراط الجنان ۾ آھي اي ايمان وارؤ! ڪافرن کي پنھنجو دوست نه بڻايو جيڪي منھنجا ۽ توھان جا دشمن آھن۔ ([1]) ڪافرن سان دوستي ڪرڻ، انھن جي مدد ڪرڻ ۽ انھن کان مدد گھرڻ ۽ انھن سان محبت جا رابطا (يعني ميل ميلاپ) رکڻ ممنوع آھي، مسلمانن تي دين اسلام جي ھر مخالف سان عليحدگي ۽ جدا رھڻ واجب آھي۔([2])

اسان بي وفائي نٿا ڪري سگهون

ڪجهه ماڻهون بريون دوستيون رکي ويهندا آهن، انهن کي  جيڪڏهن سمجهايو وڃي ته اَدا بري دوستن وٽ ويهڻ سٺي ڳالهه ناهي انهن کي ڇڏي سٺن ماڻهن وٽ ويهندا ڪريو! ته انهن کي شيطان وفا جو فلسفو پڙهائيندو آهي ته اسان هرگز بي وفائي نٿا ڪري سگهون دوستي رکي آهي ته ان کي هرحال ۾ نڀائينداسين.

ان ۾ پهرين ڳالھ ته هي آهي جو اسان ڪنهن جو دوست هجڻ کان پهريان اللّه پاڪ جا ٻانها ۽ رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا امتي آهيون جيڪڏهن اسان واقعي


 

 



[1]...تفسیر صراط الجنان،پارہ :28، سورۂ مُمْتَحِنَہ ، تحت الآیۃ:1، جلد:10، صفحہ:101۔

[2]...تفسیر صراط الجنان،پارہ:6، سورۂ  مائدہ، تحت الآیۃ:51، جلد:2، صفحہ:448 ملتقطاً۔