Book Name:Dost Kaise Banaye

آهي ته ياالله پاڪ! فلاڻي مون کي تنهنجي ۽ تنهجي رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فرمانبرداري کان منع ڪندو هو ۽ برائي جو حڪم ڏيندو هو نيڪي کان روڪيندو هو ۽ هي خبر ڏيندو هو ته مون کي تنهنجي حضور ۾ حاضر ناهي ٿيڻو ته انهن مان هر هڪ ٻي کي برو ڀاء برو دوست ۽ برو رفيق چوندو آهي۔([1])

نيڪ دوست به  شفاعت ڪندا!

 معلوم ٿيو ته قيامت جي ڏينهن نيڪ، صالح ۽ پرهيزگار مسلمانن جي دوستي مسلمانن جي لاء ڪم ايندي ۽ اهي قيامت جي تمام سخت هيبتناڪ ڏينهن ۾ مسلمانن جي غم خواري ۽ شفاعت ڪندا، جئين ته حضرت جابر بن عبد الله رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آھي ته حضور اڪرم نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو جنتي چوندو: منهنجي فلاڻي دوست جو ڇا حال آھي؟ ۽ اهو دوست گناهن جي ڪري جھنم ۾ هوندو، الله پاڪ فرمائيندو هن جي دوست کي ٻاھر ڪڍو ۽ جنت ۾ داخل ڪيو ته جيڪي جھنم ۾ باقي رهجي ويندا اهي چوندا ته اسان جو ڪو سفارشي ناهي ۽ نه ڪوئي غم خوار دوست. ([2])

حضرت حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:  ايماندارَ دوست وڌايو ڇوته هُو قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندا۔ ([3])

پيارا اسلامي ڀائرو! هي آھن وفادار دوست! ڪير؟ متقي، پرهيزگار، نيڪ نمازي، الله ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪرڻ وارا، جنت ۾ وٺي وڃڻ وارا عملَ ڪرڻ وارا، انهن سان ئي دوستي رکڻ گھرجي، هي سٺا دوست آھن، هي ئي اُهي  آھن جيڪي قيامت جي ڏينهن به ڪم ايندا۔


 

 



[1]... تفسیر خازن،پارہ:25 ،سورۂ   زخرف،زیرِ آیت:67،جلد:4،صفحہ:113۔

[2]... تفسیرِ بغوی،پارہ:19 ،سورۂ شعراء،زیرِ آیت:101 ،جلد:3،صفحہ:364۔

[3]... تفسیرِ بغوی،پارہ:19 ،سورۂ شعراء،زیرِ آیت:101 ،جلد:3،صفحہ:364۔