Book Name:Dost Kaise Banaye

ذھنيت (Mentality) جي خبر هي چونڊ ڏيندي،  منهنجو قلبي لاڙو ٻڌائيندو ته آئون ڪھڙو انسان آھيان، جيڪڏهن آئون سٺي دوست جي چونڊ ڪندس ته منهنجي اها چونڊ ڪرڻ دليل ھوندو ته آئون پاڻ ڪيترو سٺو آھيان، ۽ جيڪڏهن  مان بري شخص کي دوست بڻائيندس ته اهو دليل ھوندو ته آئون پاڻ برو آھيان.

صحابي رسول حضرت عبد الله بن مسعود رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: دونهون باهه جي ايتري نشاندهي ناھي ڪندو جيتري دوست پنهنجي دوست  جي نشاندهي ڪندو آھي. ([1])

يعني اسان پري ڪٿان کان دونهون اٿندي ڏسون ته اسان کي معلوم ٿي ويندو آهي ته ڪٿي باهه لڳي آهي، خبر پئي: دونهون باهه جي نشاندهي ڪندو آهي، حضرت عبدالله بن مسعود رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي فرمان جو مطلب آهي: پري کان دونهون ڏسي ڪري اسان کي باهه جو ايترو پختو يقين ناهي ٿيندو جيترو هي ته هڪ دوست کي ڏسي ڪري ٻي دوست جون عادتون، ان جا طور طريقا، ان جي پسند ناپسند ۽ ان جي سوچ جو پتو پئجي ويندو آهي.

حضرت عبدالله بن مسعود رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جو ئي هڪ ٻيو فرمان آهي، پاڻ فرمائن ٿا: ڪنهن کي پرکڻو هجي ته ان جي دوستن تي پرکيو ڇوته ماڻهو انهيءَ سان دوستي ڪندو آهي، جنهن کي اهو پاڻ جھڙو سمجهي ڪري چڱو سمجھندو آهي. ([2])

  انسان پاڻ جهڙي سان دوستي ڪندو آهي

توهان غور فرمايو! دنيا ۾ هزارين ماڻهو آهن، جن سان اسان جي دوستي ناهي هوندي سوين آهن جن سان اسان جي دوستي ٿي ويندي آهي؛ هڪ شخص


 

 



[1]... ادب ا لدنیا و الدین  للماوردی، باب الرابع،صفحہ:162۔

[2]... موسوعہ ابن ابی الدنیا،کتاب الاخوان،جلد:8، صفحہ:161 ،حدیث:38۔