Book Name:Dost Kaise Banaye

ڪئي ۽ دوستي ٿي وئي ۔

  ڪيڏي افسوسناڪ صورت حال آھي، اسان کي پير ۾ پائڻ جي لاء جتي وٺڻي ھجي ته پوري مارڪيٽ گھمندا آھيون، ماڻھو ھڪ جتو پسند ڪرڻ لاء ڪيئي ڪيئي ڪلاڪ لڳائيندا آھن، تڏھن وڃي ڪو جوتو پسند ايندو آهي ۽ دوست ۔۔.!! جنهن کي دل ۾ جڳھ ڏيڻي آھي، جنهن سان گڏ اٿڻو ويھڻو آھي، ان کي پنهنجي زندگي ۾ شامل ڪرڻو آھي، ان جا اخلاق اسان تي اثر ڪندا، ان جو ڪردار اسان جي ڪردار تي اثر انداز ٿيندو، ان جي باري ۾ ڪوبه غور فڪر ناھي، ڪا به جاچ پڙتال ناهي، بس! پاڻ ۾ چار ڳالهيون ٿيون ۽ دوست بڻجي ويو.

الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي! غور ته ڪيو ! اسان جو دوست اسان جو ايمان آھي ان جي ڪري دوست بنائڻ ۾ تمام احتياط سان ڪم وٺڻ ضروري آھي. علامه شعراني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائي ٿو: دوست  بنائڻ جي لاءِ عقلمند ھجڻ ضروري آھي تان جو انسان ڄاڻي سگهي ته ڪير دوستي جي لائق آھي ڪير ناهي. وڌيڪ فرمائن ٿا: بي وقوف ماڻھون ھر ڪنهن کي دوست بڻائي وٺندا آھن، چار ڏينهن کان پوءِ جھيڙو ٿيندو آهي ۽ اهي ئي دوست دشمن بڻجي ويندا آھن۔ علماء ڪرام فرمائن ٿا: عقلمند اهو آھي جيڪو پھريان تجربو ڪري،  پوءِ دوست بڻائي. ([1])

دوست آئينو هوندو آھي

اي عاشقانِ رسول! ھي ڳالھ ھميشه ياد رکجو! اسان جو دوست اسان جو آئينو هوندو آھي. مثال طور آئون جيڪڏهن ڪنهن کي پنهنجي دوستي لاء منتخب ڪيان ٿو ته منهنجو انتخاب اھو ٻڌائيندو ته منهنجي سوچ ڪھڙي آهي؟ منهنجي پسند ناپسند ڪھڙي آھي؟ منهنجو اخلاق منهنجو ڪردار، منهنجي


 

 



[1]... لواقح الانوار،العہد الحادی عشر بعد المائتین فی مجالسۃ الصالحین،جلد:2 ،صفحہ:42۔