Book Name:Akhirat Ki Fikar Karni Hai Zaror

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون   

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔([1])

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دروان سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔

 صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                             صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد

انسان کي اهو ڪجھ ملندو جيڪو اڳتي موڪليو هوندو

  هڪ ڀيري عمر بن عبد العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه خليفي سليمان بن عبدُالملڪ سان گڏ ڪنهن سفر جي لاءِ روانا ٿيا (اڳي جي دور ۾ اٺن ۽ گهوڙن وغيره تي سفر ڪيو ويندو  هو ۽ خادمن جي ذريعي خيما ۽ ضروري سامان پهريان ئي مَنزل تي پهچايو ويندو هو ته جيئن اتي پهچڻ کان پهريان خيما تيار هجن بهرحال خليفو سليمان بن عبدُ الملڪ ۽ ٻين ماڻهن پنهنجا خيما اڳتي موڪلي ڇڏيا پر حضرت عمر بن عبد العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن پنهنجو سامان ۽ خيمو پهريان کان ئي اڳتي نه موڪليو. جڏهن مَنزل تي پهتا ته هر شخص پنهنجي خيمي ۾ هليو ويو.

 پر حضرت عمر بن عبد العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪٿي نظر نه اچي رهيا هئا، خليفي خادمن کي چيو: وڃو! کيس تلاش ڪيو...!! تلاش ڪيو ويو ته پاڻ هن حال ۾ مِليا جو هڪ وڻ جي هيٺان ويهي زارو قطار روئي رهيا آهن. خليفي کي اطلاع


 

 



[1]... مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔