Book Name:Akhirat Ki Fikar Karni Hai Zaror

ويو: ايئن ڇو؟ فرمايائون: مان گنھگار ٻانهو آهيان ۽ جيڪي ڪجھ نيڪيون ڪري سگهيو آهيان، اهي قبول ٿيون، يا منهنجي منهن تي هنيون وينديون، مان نه ٿو ڄاڻان.

(آداب الحسن بصری، صفحہ:25 و26 و27ملتقطاً۔)

حضرت عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ۽ آخر جو فڪر

 * حضرت سفيان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي گفتگو جو سلسلو جاري هو پر پاڻ بلڪل خاموش ويٺا هئا، پڇيو ويو: حضور! ڇا ڳالھ آهي اوهان خاموش ڇو آهيو؟ فرمايائون: مان اهلِ جنّت جي باري ۾ سوچي رهيو آهيان ته اهي ڪيتري قدر خوشي خوشي هڪٻئي سان ملاقات ڪندا! پر دوزخي ماڻهو هڪٻئي کي بي قراري سان مدد جي لاءِ پڪاريندا. ايترو چوڻ کان بعد پاڻ روئڻ لڳا. (سیرۃ و مناقب عمر بن عبد العزیز لا بن جوزی، صفحہ:214۔ * حضرت عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هڪ ڀيري روئڻ لڳا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي روئيندي ڏسي سندن زوجهءِ محترمه حضرت فاطمه بنتِ عبدُ الملڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها به روئڻ لڳيون بعد ۾ ٻيا گهر وارا پڻ روئڻ لڳا، جڏهن روئڻ جو سلسلو ختم ٿيو ته عرض ڪيو ويو: اي اميرُ المؤمنين! اوهان ڇو روئي رهيا هئا؟ فرمايائون: مون کي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيڻ ياد اچي ويو هو جنهن کان بعد ڪو جنّت ۾ ويندو ته ڪو دوزخ ۾، هي چئي ڪري سندن رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هڪ رڙ ڪئي ۽ بيهوش ٿي ويا.( حِلْيَةُ الاولیا،جلد:5 ،صفحہ:303، رقم:7201۔) * حضرتِ عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي هڪ غلام جو بيان آهي: مان رات جي وقت پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ رهندو هيس، اڪثر ڪري پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه خوفِ خدا ۾ روئيندا رهندا هئا، هڪ رات پاڻ معمول کان وڌيڪ رُنا. جڏهن صبح ٿيو ته مون عرض ڪيو: اوهان تي منهنجا ماءُ پيءُ قربان! اڄ رات ته اوهان ايئن رُنا جو پهريان ڪڏهن به نه رُنا.