Book Name:Akhirat Ki Fikar Karni Hai Zaror

ئي ناهي * توکي تنهنجي ضرورت جي مطابق ڏنو ويو پر تون عيش ۽ عِشرت ۽ سرڪشيءَ جو سامان طلب ڪرين ٿو * ٿوري تي راضي ناهين ٿيندو * گهڻي مان تنهنجو پيٽ ناهي ڀَربو * آخر جنهن جون خواهشون ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺن، اهو آخرت جي تياري ڪيئن ڪري سگهندو...!! حيرت، نهايت حيرت آهي ان تي جيڪو هميشه رهڻ واري زندگي (يعني آخرت) تي ايمان ته رکندو آهي پر سموري ڪوشش ان ڌوڪي جي گهر (يعني دنيا) جي لاءِ ڪري رهيو آهي.

 (موسوعہ ابن ابی الدنیا،کتاب:قصر الامل ،جلد:3 ،صفحہ:316 ،حدیث:59۔)

سيپارو: 10، سورة توبھ، آيت: 38 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

اَرَضِیۡتُمۡ بِالۡحَیٰوۃِ الدُّنۡیَا مِنَ الۡاٰخِرَۃِ ۚ       فَمَا مَتَاعُ الۡحَیٰوۃِ الدُّنۡیَا فِی الۡاٰخِرَۃِ  اِلَّا قَلِیۡلٌ (۳۸)

(سيپارو: 10، سورة توبھ، آيت: 38)

ترجموڪنزالعرفان: ڇا توهان آخرت جي بدران دنيا جي زندگي تي راضي ٿي ويؤ؟ پوءِ آخرت جي مقابلي ۾ دنيا جي زندگي ساز ۽ سامان نهايت گهٽ آهي.

آخرت جي لاءِ ڪوشش ڪيو!

   پيارا اسلامي ڀائرو! هڪ ٻي ڳالھ عرض ڪريان؟ اسان وٽ ڪافي ماڻهو آهن جيڪي ڪافرن جي بلند بلند عمارتن کي ڏسي ڪري رنجيده ٿيندا آهن حالانڪه اسان مسلمان آهيون، اسان جو ڪافرن سان ڪهڙيءَ طرح موازنو ٿي ئي نه ٿو سگهجي. هي الله پاڪ ورهاست فرمائي آهي ۽ هي تمام زبردست آهي، بهترين ۽ هر طرح سان سُٺي ورهاست آهي جو ڪافرن جي لاءِ دنيا آهي، اسان جي لاءِ آخرت. دنيا ته ڪجھ ڏينهن آهي، جلدئي ختم ٿي ويندي پر آّخرت هميشه رهندي. سيپار: 15، سورة بني اسرائيل، آيت: 18 ۽ 19 ۾ ارشاد ٿئي ٿو: