Book Name:Akhirat Ki Fikar Karni Hai Zaror

فرمايائون: مون کي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ بيهڻ جو منظر ياد اچي ويو هو. ايترو چوڻ کان بعد پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تي بيهوشي طاري ٿي وئي ۽ ڪافي دير کان بعد هوش ۾ آيا، ان کان بعد مون پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي ڪڏهن به مُسڪرائيندي نه ڏٺو.

(سیرۃ و مناقب عمر بن عبد العزیز لا بن جوزی، صفحہ:216۔)

ترے خوف سے تیرے ڈر سے ہمیشہ

میں  تھرتھر  رہوں  کانپتا  یاالٰہی

(وسائلِ بخشش،صفحہ:105۔)

پيارا اسلامي ڀائرو! هن کي چوندا آهن ايقانِ آخرت. يعني آخرت تي اهڙو مضبوط يقين جو شڪ ۽ شبهي جي بلڪل به ڪا گنجائش نه بچي، آخرت جو فڪر دل ۽ دماغ تي ڇائنجي وڃي. آخرت تي اهڙو پختو يقين، اهڙي ايقانَ جي گهرجَ آهي. هي تقوٰي وارن جو وصف آهي. يقين مڃو! جيڪڏهن اسان کي به اهڙو پختو يقين نصيب ٿي وڃي ته دنيا جا سمورا فڪرَ ختم ٿي وڃن. اسان جو ڪردار به سنورجي وڃي، اخلاق به سُٺا ٿي وڃن، اسان جا اعمال به نيڪ ٿي وڃن، گناھن جي عادت به  ختم ٿي وڃي ۽ اسان صحيح معنٰي ۾ نيڪ مسلمان بڻجڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.

آخرت جو فڪر نه هجڻ جا ڪجھ اسباب

 پر افسوس! * دنيا جي محبت * مال ۽ دولت جي لالچ * فضوليات ۾ مشغوليت * عزت ۽ شهرت ۽ منصب جي هَوس * گناھن جي ڪثرت ۽ * ڊگهي اميدن اسان کي غافل ڪري ڇڏيو آهي، دل تي غفلت جا پرده پيل آهن ۽ اسان آخرت جي فڪر کان پري، بَس دنياوي مُستقبل چمڪائڻ جي فڪر ۾ ڏينهن رات گذاريندا رهندا آهيون.

 * اسان کي يقين آهي ته هڪ ڏينهن مرڻو آهي پر اسان موت جي تياري