Book Name:Akhirat Ki Fikar Karni Hai Zaror

   يعني جنهن ۾ هي 5 اوصاف آهن، اهي  ئي پنهنجي ربِّ ڪريم جي طرف کان هدايت تي آهن ۽ اهي ئي اصل ۾ ڪامياب آهن. هي 5 اوصاف ڪهڙا ڪهڙا آهن؟ هي ڄاڻڻ جي لاءِ تفسيرِ صراطُ الجنان مان سورة بقرة جي پهرين رڪوع جي تفسير پڙهي وٺندا! انهن مان هڪ وصف هي آهي، الله پاڪ فرمايو:

وَ بِالۡاٰخِرَۃِ ھُمۡ یُوۡقِنُوۡنَ ؕ(۴)  (سيپارو: 1، سورة بقرة: 4)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ اهي آخرت تي يقين رکن ٿا.

معلوم ٿيو: جيڪي تقوٰي وارا آهن اهي آخرت تي اِيقَان رکندا آهن. ايقان جي معنٰي آهي: تمام پختو يقين، جنهن ۾ ذري برابر به شڪ ۽ شبهو نه هجي. جڏهن ڪنهن شيءِ جي متعلق ايترو پختو يقين ٿي وڃي ته اها دل ۽ دماغ تي ڇائنجي ويندي آهي، انسان ان جي خلاف سوچيندو ئي ناهي.

حضرت حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ۽ آخرت جو فڪر

  پنهنجي وقت جا وڏا امام، ڪامل ولي حضرت امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پرهيزگارن مان هئا. علّامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: * امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جڏهن تشريف کڻي ايندا هئا ته ايئن لڳندو هو ته ڄڻ ڪنهن ويجهي دوست جي تدفين کان واپس آيا آهن * پاڻ ايئن رهندا هئا ڄڻ باھ سندن جي مٿي تي لٽڪي رهي آهي * ايئن ويهندا هئا ڄڻ ڪو قيدي آهي ۽ هاڻي ان جو سِر سِسيءَ کان ڌار ڪيو ويندو * صبح ان حال ۾ ڪندا هئا جو ڄڻ هاڻي قيامت جي هولناڪين مان گذري آيا آهن * هڪ ڀيري ڪنهن سندن کان حال پڇيو ته فرمايائون: سمنڊ جي وڃ ۾ جنهن جي ٻيڙي ٽٽي پئي، اهو به مون کان بهتر حالت ۾ هوندو. پڇيو