Book Name:Akhirat Ki Fikar Karni Hai Zaror

فرمايو، ان رسالي جي صورت ۾ اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي اصلاحِ امّت جي تڙپ ڏسي ڪري مون هٿو هٿ بيعت جي لاءِ نالو پيش ڪري ڇڏيو. ايئن مان قادري، رضوي، عطاري رنگ ۾ رنڱجي ويس، هڪ الله واري سان نسبت ڇا ٿي منهنجي زندگيءَ ۾ عمل جي بهار اچي وئي، دل گناھن کان بيزار ۽ نيڪين جي طرف مائل ٿي وئي، مون گذريل گناھن کان توبھ ڪئي ۽ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول کي دل ۽ جان سان اپنائي ورتو.

   (دلوں کا چین، صفحہ:4-6۔)

اسی ماحول نے اَدنی کو اعلیٰ کر دیا دیکھو!                         اندھیرا ہی اندھیر ا تھا، اُجالا کر دیا دیکھو!

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

تجهيز ۽ تڪفين ايپليڪيشن

  اي عاشقانِ رسول! اڄوڪو دور ٽيڪنالوجي جو دور آهي، الحمد لله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جديد ٽيڪنالوجي جي ذريعي علمِ دين عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ان حوالي سان دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ جي طرف کان مختلف ايپليڪيشنز جاري ٿي چڪيون آهن، جنهن مان هڪ موبائل ايپليڪيشن آهي:  Muslim's Funeral (تجهيز ۽ تڪفين) هن موبائل ايپليڪيشن ۾ مَيَّت جي غسل ۽ ڪفن ۽ دفن وغيره جي بابت اهم ترين معلومات ڏني وئي آهي ۽ هڪ خاص ڳالھ هي آهي ته مَيَّت کي غسل ڪيئن ڏيڻو آهي؟ ڪفن ڪيئن پارائڻو آهي؟ ان جي عملي طريقي جي لاءِ  Animated Videos به شامل آهن. توهان به هي موبائل ايپليڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪري وٺو ۽ ٻين کي به هن جي ترغيب ڏياريو.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد