Book Name:Akhirat Ki Fikar Karni Hai Zaror

ويندا، ماڻهن کي نيڪي جي دعوت ڏيندا ۽ انهن کي مسجد ۾ اچڻ، نيڪيون ڪرڻ ۽ قبر ۽ آخرت جي تياري ڪرڻ جي ترغيب ڏيندا آهن، اهڙيءَ طرح مدني قافلن ۾ سفر ڪرڻ وارا عاشقانِ رسول به مدني قافلي جي جدول (Schedule) جي مطابق نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي سعادت حاصل ڪندا آهن. توهان به هن نيڪي جي ڪم ۾ شرڪت جي پڪي نيت ڪري وٺندا! اچو! توهان جي ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌايان ٿو:

گناھن ڀري زندگي ۾ نيڪين جي بهار اچي وئي

   فتح جنگ (پنجاب، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ اچڻ کان پهريان مان گناھن ڀري زندگي گذاري رهيو هيس، فلمون ڊراما ڏسڻ، آوارا گردي، راند روند ۾ گُم رهڻ منهنجو پسنديده مشغلو هو، هاءِ! افسوس مان نمازون به قضا ڪري ويهندو هيس ۽ گناھن جي ذريعي جهنّم ڏي وڌندو وڃي رهيو هيس. منهنجي هدايت جو سبب هيئن بڻيو ته هڪ ڏينهن ڳوٺ جي مسجد ۾ دعوتِ اسلامي جو هڪ مدني قافلو نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي لاءِ تشريف کڻي آيو، درس ۽ بيان ۽ عصر نماز کان بعد علاقائي دوري جو سلسلو شروع ٿيو، انهن مان هڪ اسلامي ڀاءُ مون وٽ آيو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندي مسجد ۾ نماز ادا ڪرڻ ۽ قافلي وارن سان گڏ سکڻ سيکارڻ جي حلقي ۾ ڪجھ وقت گذارڻ جي دعوت ڏني، انهن جي ترغيب تي جڏهن مان مسجد جي  پُربهار هوائن ۾ داخل ٿيس ته عاشقانِ رسول وڏي محبت سان ملاقات ڪئي،

پهرين ملاقات ۾ ئي ايتري قدر پيار ۽ محبت ڏسي ڪري مان ايترو متاثر ٿيس جو دعوتِ اسلامي جي محبت منهنجي دل ۾ گهر ڪري وئي، جيستائين سکڻ سيکارڻ جي مدني حلقن ۾ حاضر رهيس، علم جي مدني گُلَن سان دل جو گلشن آباد ٿيندو رهيو، پوءِ اميرِ قافلا مون کي نيڪ اعمال جو رسالو عطا