Book Name:Akhirat Ki Fikar Karni Hai Zaror

توهان تقوٰي اختيار ڪيو ۽ پنهنجي آخرت جي لاءِ نيڪيون ڪيو. بيشڪ جيڪو شخص آخرت جي لاءِ نيڪ اعمال ڪندو الله پاڪ ان جي دنياوي حاجتن کي پورو فرمائيندو. اي انسانو! توهان پنهنجي باطن جي اصلاح جي ڪوشش ڪيو الله پاڪ توهان جي ظاهر جي اصلاح فرمائيندو. موت کي ڪثرت سان ياد ڪيو ۽ موت کان پهريان پنهنجي لاءِ نيڪ اعمال جو خزانو جمع ڪري وٺو، موت تمام لذتون ختم ڪري ڇڏيندو، اي انسانو! پنهنجي ابن ڏاڏن جي احوال ۾ غور ۽ فڪر ڪندا ڪيو اهي به دنيا ۾ آيا ۽ زندگي گذاري ڪري هليا ويا اهڙيءَ طرح توهان به هليا ويندؤ جيڪڏهن توهان انهن جي انجام کي ياد نه رکندؤ ته موت توهان جي لاءِ تمام سختيءَ جو باعث هوندو لهٰذا موت کان پهريان موت جي تياري ڪري وٺو. (عیون الحکایات،صفحہ:83 ملتقطًا۔)

کچھ نیکیاں کمالے جلد آخِرت بنالے

کوئی نہیں بھروسا اے بھائی! زندگی کا

(وسائلِ بخشش،صفحہ:178۔)

تقوٰي وارن جو هڪ وصف

 اي عاشقانِ رسول! آخرت جو فڪر ضروري آهي سيپارو: 1، سورة بقرة جي شروعات ۾ ئي الله پاڪ تقوٰي وارن جا 5 اوصاف ذڪر فرمايا، پوءِ فرمايو:

اُولٰٓىٕكَ عَلٰى هُدًى مِّنْ رَّبِّهِمْۗ-وَ اُولٰٓىٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ(۵) (سيپارو: 1، سورة بقرة: 5)

ترجمو ڪنزالعرفان: اهي ئي ماڻهو پنهنجي رب جي طرف کان هدايت تي آهن ۽ اهي ئي ماڻهو ڪاميابي حاصل ڪرڻ وارا آهن.