Book Name:Akhirat Ki Fikar Karni Hai Zaror

اسان فضول خواب ڏسي رهيا آهيون

   هڪ ڀيري ڪنهن عقلمند شخص پنهنجي دوست کي خط لکيو ۽ وڏي سبق آموز نصيحت ڪئي، انهن لکيو: هيءَ دنيا هڪ ننڊ آهي ۽ آخرت بيداري آهي انهن ٻنهي جي درميان (يعني ننڊ مان جاڳائڻ واري شيءِ) موت آهي ۽ اسان ننڊ جي حالت ۾ پريشان، ڏکيا خواب ڏسي رهيا آهيون.

 (موسوعہ ابن ابی الدنیا،کتاب:قصر الامل ،جلد:3 ،صفحہ:314 ،حدیث:52۔)

 اي عاشقانِ رسول! هيءَ حقيقت آهي...!! اسان خواب ڏسي رهيا آهيون، منجهيَل پريشان خواب ۽ انهن خوابن کي سچو ڪرڻ جي خاطر بَس اکيون بند ڪري ڊوڙندا هلندا پيا وڃون، اسان جي منزل ڪٿي آهي؟ ڪجھ خبر ناهي؟ بيهڻو ڪٿي آهي؟ ڪا خبر ناهي؟ موت سامهون بيٺو آهي، قبر جو کڏو اکين جي سامهون آهي ۽ اسان بلڪل فڪر نٿا ڪيون.

قَبْر میں مَیَّت اُترنی ہے ضرور                                       جیسی کرنی ویسی بھرنی ہے ضرور

ایک دن مرنا ہے آخر موت ہے                                 کرلے جو کرنا ہے آخر موت ہے

3 حيرت انگيز ماڻهو...!!

   صحابيءِ رسول حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: مون کي ٽن ماڻهن تعجب ۾ وجهي ڇڏيو ۽ مان انهن جي متعلق سوچي ڪري کِلندو آهيان (1): ڊگهيون اميدون لڳائڻ وارو جڏهن ته موت ان کي ڳولي رهيو آهي (2): غافل جڏهن ته ان کان غفلت نه پئي ڪئي وڃي (يعني اسان جيتوڻيڪ غافِل ٿي وڃون پر اسان کان غفلت نه پئي ڪئي وڃي، اسان جي سخت نگراني ڪئي پئي وڃي، ڪراماً ڪاتبين يعني اعمال لکڻ وارا فرشتا هڪ هڪ عمل لکي رهيا آهن، الله پاڪ ڏسي رهيو