Book Name:Akhirat Ki Fikar Karni Hai Zaror

موت اچي ڪري رهندو ياد رک...!!

  اي عاشقانِ رسول! اسان جاڳون يا سمهون، کِلون يا روئون، غافل رهون يا بيدار ٿي وڃون، موت ته بهرحال اچڻو ئي اچڻو آهي جان وڃڻي ئي آهي، اسان کي هن دنيا مان نڪري ڪري آخرت جي طرف سفر ڪرڻو ئي پوندو. الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ فرمائي ٿو:

قُلۡ  اِنَّ الۡمَوۡتَ الَّذِیۡ تَفِرُّوۡنَ مِنۡہُ  فَاِنَّہٗ مُلٰقِیۡکُمۡ  ثُمَّ  تُرَدُّوۡنَ  اِلٰی عٰلِمِ الۡغَیۡبِ وَ الشَّہَادَۃِ  فَیُنَبِّئُکُمۡ  بِمَا کُنۡتُمۡ تَعۡمَلُوۡنَ (۸)

(سيپارو: 28، سورة جمعه: آيت: 8)

ترجمو ڪنزالعرفان: اوهان فرمايو: بيشڪ اهو موت جنهن کان توهان ڀڄو ٿا سو اهو ضرور توهان کي ملڻ وارو آهي پوءِ توهان ان جي طرف ڦيريا ويندؤ جيڪو هر غيب ۽ ظاهر کي ڄاڻڻ وارو آهي پوءِ اهو توهان کي توهان جا عملَ ٻڌائي ڇڏيندو.

 

ہے یہاں سے تجھ کو جانا ایک دن                                قَبْر  میں  ہوگا  ٹھکانا ایک دن

منہ  خدا کو ہے  دِکھانا  ایک دن                                       اب نہ غفلت میں گنوانا ایک دن

ایک دن مرنا ہے آخر موت ہے                                 کر لے جو کرنا ہے آخر موت ہے

یاد رکھ ہر آن آخر  موت  ہے                                        بن تُو مت انجان آخر موت ہے

مرتے جاتے ہیں ہزاروں آدمی                                 عاقِل و نادان آخر موت ہے

دنيا ۾ ايئن رهو جيئن مسافر...!!

  صحابي ابنِ صحابي حضرت عبدُ الله بن عمر رَضِىَ اللهُ عَنْهما فرمائن ٿا: الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي رَضِىَ اللهُ عَنْه جن هڪ ڏينهن (ڪُلهي مان) پڪڙي ڪري فرمايو: اي عبدُ الله بن عمر! دنيا ۾ ايئن رھ جيئن اجنبي هجين يا ايئن جيئن