Book Name:Akhirat Ki Fikar Karni Hai Zaror

ڪندا آهن، آخر خرابي ڪٿي آهي؟ وڏا وڏا ماهر گهڻو ڪجھ ٻڌائين ٿا. اچو! مان توهان کي حديثِ پاڪ ٻڌايان ٿو، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هن امّت جا پهريان ماڻهو يقين ۽ دنيا کان بي رغبتي (ڪنارو ڪرڻ) جي ذريعي نجات ماڻي ويا ۽ آخر ۾ اچڻ وارا ماڻهو بخل (يعني ڪنجوسي) ۽ ڊگهن اميدن جي سبب هلاڪ ٿي ويا.

(موسوعہ ابن ابی الدنیا،کتاب:الیقین،جلد:1 ،صفحہ:19 ،حدیث:3۔)

هي آهي معاشري جي بگاڙ جو اصل سبب...!! ڪنجوسي ۽ ڊگهيون اميدون * اسان تي غفلت سوار آهي * اسان آخرت جي فڪر کان پري آهيون * اسان کي دنياوي مُستقبل جو فڪر ستائيندو آهي ۽ انهيءَ فڪر ۾ پنهنجي روشن مُستقبل جي خاطر گناھن جي اونداهين ۾ ٻڏندا  پيا وڃون حالانڪه حقيقي نگاھ سان ڏٺو وڃي ته مُستقبل ڪا شيءِ ناهي، صرف حال ئي حال (Present ہی Present)  آهي اڄ مان جيڪو ڪجھ آهيان، سڀاڻي مان هوندُس يا نه؟ مون کي خبر ناهي. صرف هي مَوهُوم (يعني خيالي، تصوراتي) شيءِ جي خاطر اسان سڀئي ڀڄي رهيا آهيون،  اسان مان لکين ماڻهو انهيءَ ڊوڙ ۾ ڊوڙندي ڊوڙندي قبر جي کڏي ۾ پهچي چڪا آهن، عنقريب اسان به  انهيءَ کڏي ۾ ڪِري پونداسين، هي دنيا، هن دنيا جو عارضي ۽ فاني مُستقبل نمرود، فرعون، هامان ۽ قارون جهڙن دنيا پرستن جي هٿ نه آيو. اسان جي هٿ ڪٿان ايندو؟

انسان، موت ۽ اميد جو مثال

   صحابيءِ رسول حضرت عبدُ الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن چَئن ڪُنڊُن وارو ڊٻو (Square Box) بڻايو، ان جي اندر هڪ لڪيرَ لڳائي، پوءِ ان لڪير جي ٻنهي طرف کان ننڍيون ننڍيون لڪيرون لڳايون، پوءِ ان ڊٻي کان ٻاهر هڪ