Book Name:Akhirat Ki Fikar Karni Hai Zaror

آهي، اسان جا عضوا، هيءَ زمين، سڀ اسان جي خلاف گواھ تيار ٿي رهيا  آهن، قبر اسان کي روزانو پڪاريندي  آهي، ملڪُ الموت  عَلَيهِ السَّلَام حڪمِ الهي جا مُنتظر آهن، بَس حڪم ٿيندو ۽ اهي روح قبض ڪري وٺندا، مطلب ته: جيڪو غافل آهي، ان کان غفلت نه پئي ڪئي وڃي، ان جي سخت نگراني ٿي رهي آهي) ۽ (3): ٽيون شخص جنهن تي حضرت سلمان رَضِىَ اللهُ عَنْه کي حيرت ٿيندي آهي، فرمايائون: ٽهڪ ڏئي کلڻ وارو جڏهن ته اهو نه ٿو ڄاڻي ته الله پاڪ ان سان راضي آهي يا ناراض.   

(موسوعہ ابن ابی الدنیا،کتاب:قصر الامل ،جلد:3 ،صفحہ:309 ،حدیث:29۔)

آگاہ اپنی موت سے کوئی  بَشَر نہیں                                سامان سو برس کا ہے پل کی خبر نہیں

دنيا پرست آخرت جي تياري ڪيئن ڪري سگهندو؟

   هڪ بزرگ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ماڻهن چون ٿا: ڏينهن 3 آهن، * حالانڪه ڪالھ گذري ويو ۽ اچڻ وارو صبح صرف هڪ اميد آهي، شايد تون سڀاڻي جو سج نه ڏسي سگهين. جيڪڏهن ڏسي به ورتو ته اچڻ وارو ڏينهن پنهنجو رزق گڏ آڻيندو ۽ جيڪڏهن سُڀاڻي سج نه ڏسي سگهين ته توکي سَوين ماڻهن جي وچ مان کڻي ڪري اڪيلو قبر ۾ رکيو ويندو * پوءِ ان سان گڏوگڏ پنهنجي ڪمزور دل تي سالن جي فڪرَن جو بوجھ وجهي ڇڏيو آهي * سردي اچڻ کان پهريان توکي سرديءَ جو فڪر لڳي ويندو آهي * گرمي اچڻ کان پهريان توکي گرمي جو فڪر لڳي ويندو آهي * تو پنهنجي ڪمزور دل تي آخرت جي لاءِ ڪهڙي جڳھ باقي رکي آهي؟

 * هر اچڻ وارو ڏينهن تنهنجي زندگي گهٽ ڪري رهيو آهي ۽ توکي ڪو غم ناهي * هر اچڻ وارو ڏينهن تنهنجو رزق گهٽائي رهيو آهي ۽ توکي ڪو فڪر