Book Name:Akhirat Ki Fikar Karni Hai Zaror

دنيا کي آخرت تي ترجيح نه ڏيو!

 سيپاري: 25، سورة شورٰي، آيت: 20 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمايو:

مَنۡ کَانَ یُرِیۡدُ حَرۡثَ الۡاٰخِرَۃِ  نَزِدۡ لَہٗ فِیۡ حَرۡثِہٖ ۚ       وَ مَنۡ کَانَ یُرِیۡدُ حَرۡثَ الدُّنۡیَا نُؤۡتِہٖ  مِنۡہَا وَ مَا لَہٗ  فِی الۡاٰخِرَۃِ مِنۡ نَّصِیۡبٍ (۲۰)

(سيپارو: 25، سورة شورٰي، آيت: 20)

ترجمو ڪنزالعرفان: جيڪو آخرت جي پوک گهري ٿو ته اسان ان جي لاءِ ان جي پوک ۾ اضافو ڪري ڇڏيندا آهيون ۽ جيڪو دنيا جي پوک چاهي ٿو ته اسان ان کي ان مان ڪجھ ڏئي ڇڏيندا آهيون ۽ آخرت ۾ ان جو ڪو حصو ناهي.

صحابيءِ رسول، سلطانُ المُفسرين حضرت عبد الله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْه هن آيت جي تفسير ۾ فرمائن ٿا: جيڪو ٻانهو دنيا کي آخرت تي ترجيح ڏي (مثال طور: دنيا جي مستقبل جو ته فڪر ڪري پر آخرت ۾ ڪاميابي جو فڪر نه ڪري) ان جي لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو ناهي، ها! ان جي لاءِ جهنّم آهي. گڏوگڏ هي وبال به ته (دنياوي مُستقبل جي لاءِ) ان جي فڪرن جو ڪجھ نتيجو نه نڪرندو، ان کي دنيا ۾ صرف اهو ڪجھ ڏنو ويندو، جيڪو پهريان کان لکجي چڪو آهي.

 (تفسیر درّ منثور،پارہ:25 ،سورۂ شوریٰ ،زیرِ آیت :20 ،جلد:7 ،صفحہ:343۔)

دنياوي فڪرَ ڇڏيو! آخرت جي لاءِ فارغ ٿي وڃو!

  صحابيءِ رسول حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن سيپارو: 25، سورة شورٰي جي هيءَ آيت تلاوت فرمائي:

مَنۡ کَانَ یُرِیۡدُ حَرۡثَ الۡاٰخِرَۃِ  نَزِدۡ لَہٗ فِیۡ حَرۡثِہٖ ۚ      (سيپارو: 25، سورة شورٰي، آيت: 20)

ترجمو ڪنزالعرفان: جيڪو آخرت جي پوک گهري ٿو ته اسان ان جي لاءِ ان جي پوک ۾ اضافو ڪري ڇڏيندا آهيون