Book Name:Akhirat Ki Fikar Karni Hai Zaror

مَنۡ کَانَ یُرِیۡدُ الۡعَاجِلَۃَ عَجَّلۡنَا لَہٗ فِیۡہَا مَا نَشَآءُ لِمَنۡ نُّرِیۡدُ ثُمَّ  جَعَلۡنَا لَہٗ جَہَنَّمَ ۚ        یَصۡلٰىہَا مَذۡمُوۡمًا مَّدۡحُوۡرًا (۱۸) وَ مَنۡ اَرَادَ   الۡاٰخِرَۃَ  وَ سَعٰی لَہَا سَعۡیَہَا وَ ھُوَ مُؤۡمِنٌ فَاُولٰٓئِکَ کَانَ سَعۡیُہُمۡ  مَّشۡکُوۡرًا (۱۹)

(سيپار: 15، سورة بني اسرائيل، آيت: 18 ۽ 19)

ترجمو ڪنزالعرفان: جيڪو جلدي واري (دنيا) چاهي ٿو ته اسان جنهن کي چاهيون ٿا ان جي لاءِ دنيا ۾ جيڪو چاهيندا آهيون جلدي ڏئي ڇڏيندا آهيون پوءِ اسان ان جي لاءِ جهنّم ٺاهي رکي آهي جنهن ۾ اهو خوار، مردود ٿي داخل ٿيندو ۽ جيڪو آخرت گهري ٿو ۽ ان جي لاءِ اهڙي ڪوشش ڪندو آهي جهڙي ڪرڻ کپي ۽ اهو ايمان وارو به هجي ته هي ئي اهي ماڻهو آهن جن جي ڪوشش جي قدر ڪئي ويندي۔

   اي جنّت جا طلبگار پيارا اسلامي ڀائرو! فيصلو اسان کي پاڻ ڪرڻو آهي، اسان کي دنيا گهرجي يا آخرت...؟ جيڪڏهن اسان آخرت چاهيون ٿا، جيڪڏهن اسان آخرت جي هميشه رهڻ واري زندگي ۾ آرام ۽ سڪون ۽ جنّتي نعمتون چاهيون ٿا ۽ يقيناً هر مسلمان اهو ئي چاهيندو ته اسان کي ان جي تياري ڪرڻي پوندي، ان جي لاءِ دنيا کان نگاھون هٽائي ڪري الله پاڪ جي رضا وارا ڪم ڪرڻا ئي پوندا.

آخرت جو  فڪر ڪيئن ملي...؟

   آخرت جي تياري ڪيئن ٿي سگهندي؟ آخرت جي فڪر جي ذريعي. شايد اسان سڀني کي تجربو هوندو: اسان اهي ئي ڪم ڪري سگهندا آهيون جنهن جي طرف اسان جي توجھ هوندي آهي، جنهن جي طرف توجھ نه رهي اهو چاهي ڪيڏو به اهم ڇونه هجي، اسان کان وسري ويندو آهي، ياد ناهيون رکي سگهندا. ان ڪري جيڪڏهن آخرت گهرجي، آخرت جي تياري ڪرڻي آهي ته آخرت جي فڪر کي