Book Name:Akhirat Ki Fikar Karni Hai Zaror

ناهي پر افسوس! اسان کي موت ياد ناهي رهندو.

آگاہ اپنی موت سے کوئی بشر نہیں                              سامان سو برس کا ہے پَل کی خبر نہیں

دنياوي مُستقبل جو فڪر ڪرڻ وارا غور ڪن!

 پيارا اسلامي ڀائرو! سيرتِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هن پهلو تي غور فرمايو! حضرت اُسامه بن زيد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابيءِ رسول آهن ۽ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم سان قرآنِ ڪريم ۾ جنّت جو واعدو فرمايو ويو آهي، ان جي باوجود حضرت اُسامه بن زيد رَضِىَ اللهُ عَنْه صرف هڪ مهيني جي لاءِ اوڌر تي شيءِ خريد ڪئي، ان مان معلوم ٿيو ته انهن کي هڪ مهيني تائين زندھ رهڻ جي اميد آهي. پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن انهن کي تنبيه فرمائي ۽ هي احساس ڏياريو ته هڪ مهينو ته پري جي ڳالھ آهي، موت جي ته هڪ گهڙيءَ جي به خبر ناهي.

 هاءِ! افسوس! * اسان وٽ صرف هڪ مهيني جي نه، ڪيئي سالن جي پلاننگ ڪئي ويندي آهي * ڪيئي ملڪن ۾ هي انداز آهي ته ٻار اڃان پيدا به ناهي ٿيندو، ان کان پهريان ئي اسڪول ۾ ان جي داخلا ڪرائي ويندي آهي * اسان جو ٻار وڏو ٿي ڪري ڇا بڻبو؟ * اسان ان کي ڊاڪٽر بڻائينداسين يا انجينئر؟ * ڪٿي رهندو؟ * زندگي ڪيئن گذاريندو؟ وغيره وغيره ان جي باري ۾وڏا وڏا خواب ڏٺا ويندا آهن * اسان پنهنجي باري ۾ به پلاننگ ڪندا آهيون * وڏا وڏا خواب سجائيندا آهيون * اڄ مان هِتي آهيان، ايندڙ ڏينهن هُتي پهچندُس * اڄ مون وٽ سائيڪل آهي، ڪجھ سالن ۾ موٽر سائيڪل، پوءِ ڪار تائين پهچندُس * هاڻي هڪ دڪان آهي، ڪجھ سالن ۾ 4 دڪان، پوءِ پوري مارڪيٽ، پوءِ ڪيئي شهرن ۾ پنهنجي ڪاروبار جون شاخون کوليندُس، هي سڀ خواب ڏٺا ويندا آهن، ڪيئي ڪيئي سالن جي پلاننگ ڪئي ويندي آهي. جيتوڻيڪ