Book Name:Akhirat Ki Fikar Karni Hai Zaror

هفتيوار سنّتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت ڪيو، اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي عطا ڪيل رسالي نيڪ اعمال جي مطابق زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪيو، مدرسةُ المدينه بالغان ۾ شرڪت ڪري فيضانِ قرآن حاصل ڪيو، الحمد لله! اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ هر ڇنڇر تي عشاء جي نماز کان بعد مدني چينل تي براھِ راست (Live)  مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن ان ۾ شرڪت ڪيو، سوشل ميڊيا (يعني فيس بڪ (Facebook)، انسٽا گرام (Instagram)، واٽس ايپ (WhatsApp)، ٽوئٽر(Twitter)، يوٽيوب (YouTube)، تي دعوتِ اسلامي جا مختلف پيجز (Pages)، ٺهيل آهن انهن کي ڏسندا. الله پاڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي.  آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ .

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                          صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ مدني ڪم: علاقائي دورو

پيارا اسلامي ڀائرو! آخرت جو فڪر ماڻڻ، آخرت جي زندگي جي تياري ڪرڻ، نيڪيون ڪرڻ ۽ گناھن کان بچڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! سنّت جو پابند بڻجڻ، نيڪين جو شوق ماڻڻ ۽ ايمان جي حفاظت جي لاءِ تڙپڻ جو ذهن بڻجندو. 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌي چڙهي ڪري حصو وٺو، اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بي شمار ڀلايون نصيب ٿينديون، 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: علاقائي دورو. الحمد لله! دعوتِ اسلامي سان وابسته عاشقانِ رسول پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ ڏينهن ۽ وقت مقرر ڪري گهٽي گهٽي، دڪان دڪان