Book Name:Akhirat Ki Fikar Karni Hai Zaror

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو:

مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ

جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (تاریخ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔)

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!            جنت میں پڑوسی  مجھے تم  اپنا  بنانا

گهٽ ڳالهائڻ سنّتِ مصطفٰي آهي

2 فرامينِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1): ماڻهو جو خاموشيءَ تي قائم رهڻ 60 سال جي عبادت کان بهتر آهي. (شُعْبُ الْاِیْمَان، باب: حفظ اللسان، جلد:4، صفحہ:245، حدیث:4953۔) (2): خاموشي اعلٰي درجي جي عبادت آهي.   (مسند الفردوس، جلد:2، صفحہ:417، حدیث:3849۔)

    اي عاشقانِ رسول! گهٽ ڳالهائڻ سنّتِ مصطفٰي آهي * الحمد لله! اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڊگهي خاموشي وارا هئا. (شرح السنہ للبغوی، جلد:7، صفحہ:450، حدیث:3695۔) * پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بنا ضرورت ماڻهن سان ڪلام نه فرمائيندا هئا، هند بن ابو هاله جو بيان آهي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن بنا ضرورت گفتگو نه فرمائيندا هئا بلڪه اڪثر خاموش ئي رهندا هئا. (شمائل ترمذی، صفحہ:353، حديث:225۔) خاموشي مان مراد آهي: دنياوي ڪلام کان خاموشي نه ته حضورِ اَقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زبان مبارڪ الله پاڪ جي ذڪر ۾ تَر رهندي هئي. (مرآۃ المناجیح، جلد:8، صفحہ:81۔)

   پيارا اسلامي ڀائرو! * خاموشي حڪمت آهي * گهٽ ڳالهائڻ سان عقل ڪامل ٿيندو آهي * گهٽ ڳالهائڻ عبادت جي چاٻي آهي * گهٽ ڳالهائڻ سان عبادت جي