Book Name:Akhirat Ki Fikar Karni Hai Zaror

مسافر هجين ۽ پاڻ کي مُئلن ۾ شمار ڪندو ڪر...!! حضرت مُجاهد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: حضرت عبدُ الله بن عمر رَضِىَ اللهُ عَنْهما جن مون کي فرمايو: اي مجاهد! صبح ڪرين ته شام جي باري ۾ نه سوچيندو ڪر! شام ٿي وڃي ته صبح جي باري ۾ نه سوچيندو ڪر! اي الله جا ٻانها! بيشڪ تون نه ٿو ڄاڻين ته سڀاڻي تنهنجو نالو ڇا هوندو؟ (يعني توکي زندھ ۾ شمار ڪيو ويندو يا مُئلن ۾). (مصنف ابن  ابی شیبہ ،کتاب:الزہد،جلد:8 ،صفحہ:124،حدیث:3۔)

سيرتِ مصطفٰي جو هڪ خوبصورت پِهلو

  پيارا اسلامي ڀائرو! افسوس! اسان کي دنياوي مُستقبل جو فڪر ته ستائيندو رهندو آهي پر آخرت جو فڪر ناهي ستائيندو. هاءِ! ڪٿان جو مُستقبل...!! مُستقبل ته پري جي ڳالھ ايندڙ ڏينهن ڪنهن ڏٺو آهي؟ بلڪه حقيقت ته هيءَ آهي ته اسان کي اڳين ساھ جي به خبر ناهي، نه ڄاڻ ايندو به يا نه. صحابيءِ رسول حضرت ابو سعيد خدري رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري صحابي ابنِ صحابي حضرت اُسامه بن زيد رَضِىَ اللهُ عَنْهما هڪ مهيني جي لاءِ ڪا شيءِ اوڌر تي خريد ڪئي. ان تي الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن تنبيه ڪندي فرمايو: ڇا توهان کي اُسامه تي تعجب ناهي، هي هڪ مهيني جي لاءِ اوڌر تي شيءِ خريد ڪري رهيو آهي؟ اُسامه ڊگهي اميد لڳائي ورتي آهي. ان ذات جو قسم! جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي! مان پنهنجي اک کوليندو آهيان ته گُمان ٿيندو آهي ته ٻيهر اک بند ڪرڻ کان پهريان منهنجو روح قبض ڪيو ويندو، جڏهن مان ڪو گِرھُ وات ۾ وجهندو آهيان ته گُمان ٿيندو آهي ته ان کي چٻاڙي نه سگهندُس، ان کان پهريان موت اچي ويندو. پوءِ فرمايائون: اي ابنِ آدم! جيڪڏهن عقلمند آهيو ته پاڻ کي مُئلن ۾ شمار ڪيو! (موسوعہ ابن ابی الدنیا،کتاب:قصر الامل ،جلد:3 ،صفحہ:305 ،حدیث:6۔)