Book Name:Akhirat Ki Fikar Karni Hai Zaror

جي ڀلائي کان روڪي ڇڏي، اهڙيءَ زندگيءَ کان تنهنجي پناھ گهران ٿو جيڪا سُٺي موت کان روڪي ڇڏي ۽ اهڙين اميدن کان تنهنجي پناھ گهران ٿو جيڪي نيڪ اعمال کان روڪي ڇڏين.

انسان جي دل ان جي مال سان گڏ رهندي آهي

  هڪ ڀيري هڪ شخص بارگاھ رسالت ۾ حاضر ٿيو، عرض ڪيائين: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مون کي ڇا ٿي ويو آهي جو مان موت کي پسند ناهيان ڪندو (يعني منهنجي دل دنيا جي طرف مائل آهي، مان پنهنجي دل ۾ آخرت جي طرف لاڙو گهٽ ڏسان ٿو ۽ موت جيڪو جنّت تائين پهچڻ جو رستو آهي، مون کي هي موت پسند ناهي) سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: ڇا تو وٽ مال آهي؟ عرض ڪيائين: جي ها! فرمايائون: پنهنجو مال (آخرت جي لاءِ صدقو ۽ خيرات ڪري) اڳتي موڪلي ڇڏ! ڇوته انسان جي دل پنهنجي مال سان گڏ هوندي آهي، جيڪڏهن هي پنهنجي مال کي اڳتي موڪلي ڇڏي (يعني صدقو ۽ خيرات ڪري ڇڏي) ته ان سان ملڻ چاهي ٿو ۽ جيڪڏهن مال کي پٺيان ڇڏي ڏي ته ان سان گڏ پويان رهڻ چاهي ٿو.

 (الزہد لابن المبارک، جز:5، صفحہ:208، حدیث:634۔)

ہمارے دل سے نکل جائے الفتِ دنیا

دے دل میں عشقِ مُحَمَّد مرے رچا یاربّ!

(وسائل بخشش، صفحہ:82۔)

  پيارا اسلامي ڀائرو! آخرت جو فڪر ماڻڻ جو هڪ طريقو چڱي صحبت پڻ آهي، نيڪ پرهيزگار، خوفِ خدا وارن، آخرت جو فڪر ڪرڻ وارن ماڻهن سان گڏ ويهنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! اسان کي به آخرت جو فڪر نصيب ٿي ويندو. چڱي صحبت حاصل ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي وارن عاشقانِ رسول سان گڏ مدني قافلي ۾ سفر کي پنهنجو معمول بڻايو، پنهنجي شهر ۾ ٿيڻ واري