Book Name:Akhirat Ki Fikar Karni Hai Zaror

کي قبر ۾، حشر ۾، پُلصراط تي ڪاميابي حاصل ڪرڻي آهي، جنّت ۾ وڃڻو آهي، الله پاڪ کي راضي ڪرڻو آهي، ڪيئن ڪري سگهندُس؟ هي هڪ فڪر اپنائي، الله پاڪ ان جي سمورن فِڪرن جي لاءِ ڪافي ٿي ويندو ۽ جيڪو ٻانهو هي هڪ فڪر نه اپنائي بلڪه دنياوي فڪرن ۾ ئي پيو هجي، الله پاڪ کي ڪا پرواھ ناهي ته اهو ڪهڙيءَ واديءَ ۾ هلاڪ ٿئي ٿو.

غمِ روزگار میں تو مرے اشک بہہ رہے ہیں                تِرا غم اگر رُلاتا تو کچھ اور بات ہوتی

نہ فُضول کاش! ہنستا، تری یاد میں تڑپتا                         مجھے چَین ہی نہ آتا تو کچھ اور بات ہوتی

یِہی آہ! فکرِ دُنیا مِرا دِل جَلا رہی ہے

غمِ ہجر گر ستاتا تو کچھ اور بات ہوتی

(وسائلِ بخشش،صفحہ:384۔)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

آخرت جا چاهڻ وارا بڻجو...!!

   مسلمانن جو چوٿون خليفو حضرت عليُ المُرتضٰي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَنْه جن فرمايو: انسانو! آخرت اچي رهي آهي، دنيا وڃي رهي آهي. هنن مان هر هڪ جا چاهڻ وارا آهن. توهان آخرت جا چاهڻ وارا بڻجو! دنيا جا چاهڻ وارا نه بڻجو...!! بيشڪ اڄ عمل جو ڏينهن آهي، اڄ حساب ناهي پر سڀاڻي حساب جو ڏينهن هوندو، اتي عمل ناهي. (بخاری،کتاب:الرقاق،باب:فی  الامل و طولہ ،صفحہ:1581 ۔)

هڪ ايمان افروز خطبو

  حضرت عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن هڪ ڏينهن ماڻهن کي خطبو ڏيندي فرمايو: اي انسانو! مان توهان کي الله پاڪ کان ڊڄڻ جي وصيت ڪريان ٿو،