Book Name:Akhirat Ki Fikar Karni Hai Zaror

اپنائڻو پوندو * اسان آخرت جي احوال تي غور ڪندا ڪيون * قبر * حشر * قيامت * اتي جون هولناڪيون * ميزان * پلصراط * جهنّم ۽ اتي جي عذابن جي متعلق غور ۽ فڪر ڪندا ڪيون * گهٽ ۾ گهٽ هفتي ۾ هڪ ٻه ڀيرا قبرستان وڃون، اتي دفن ٿيل مسلمانن جي لاءِ ايصالِ ثواب ڪيون، پوءِ اتي ويهي ڪري قبر، ان جي اڪيلائي، اونداهي ۽ وحشت جي متعلق غور ڪيون * سوچيون ته عنقريب مان به اونداهي قبر ۾ لاٿو ويندُس، پوءِ قيامت جي ڏينهن اٿڻو پوندو، بارگاھِ الهي ۾ پيش ٿيڻو پوندو، ايئن آخرت جي متعلق غور ڪيون * روزانو گهڻو نه ته گهٽ ۾ گهٽ 5 منٽ ئي سهي اڪيلائي ۾ ويهي ڪري آخرت جي معاملن تي غور ڪيون، روزانو ڪندا رهنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دل ۾ آخرت جو فڪر ويهي ويندو * آخرت جي ياد ڏيارڻ وارا ڪتاب پڙهو، مثال طور شيخِ طريقت، اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جا ڪتابَ ۽ رسالا پڙهو: مثال طور (1): قبر جي پهرين رات (2): مڙدي جا صدما (3): بادشاهن جون هڏيون (4): قبر جو امتحان (5): غفلت (6): بُري خاتمي جا اسباب وغيره اهڙيءَ طرح مڪتبةُ المدينه جا  تمام پيارا ڪتاب آهن: جهڙوڪ (1): خوفِ خدا (2): فڪرِ مدينه (3): جنّت جو آسان رستو (4): قبر ۾ اچڻ وارو دوست (5): دنيا کان بي رغبتي ۽ اميد جي گهٽتائي وغيره ڪتاب پڙهو. اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! آخرت جو فڪر نصيب ٿيندو.

فڪرِ آخرت جي باري ۾ دعاءِ مصطفٰي

 *  آخرت جو فڪر ماڻڻ جي لاءِ دعا به ڪيون. اسان جا پيارا نبي، رسولِ هاشمي هي گهرندا هئا:

اَللّٰهُمَّ    اِنِّی اَعُوْذُ بِكَ مِنْ دُنْيَا تَمْنَعُ خَيْرَ الْآخِرَةِ، وَاَعُوْذُ بِكَ مِنْ حَيَاةٍ تَمْنَعُ خَيْرَ الْمَمَاتِ، وَاَعُوْذُ بِكَ مِنْ اَمَلٍ يَمْنَعُ خَيْرَ الْعَمَلِ

  (موسوعہ ابن ابی الدنیا،کتاب:قصر الامل ،جلد:3 ،صفحہ:312 ،حدیث:46۔)

ترجمو: اي الله پاڪ! مان اهڙي دنيا کان تنهنجي پناھ گهران ٿو جيڪا آخرت